اڳيان کوهه، پويان کاهي! شهباز حڪومت لاءِ ’ابتي ڳڻپ‘ ۽ عمران خان جي سياست ۾ واپسي

اسلام آباد (طلعت حسين)پاڪستان جي سياسي ميدان تي هن وقت جيڪي هربا هلايا پيا وڃن، اهي ظاهري طور استحڪام جو تاثر ڏين ٿيون، پر جيڪڏهن اسلام آباد جي سياسي نبض تي هٿ رکجي ته صورتحال بلڪل مختلف نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته اقتدار جي ايوانن جي واٽن ۾ ’سڀ ٺيڪ آهي‘ جا راڳ ڳائڻ باوجود پردي پٺيان ’ابتي ڳڻپ‘ جي گونج چٽيءَ ريت ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو هاڻوڪي نظام بابت ”ڳڻپ پوري ٿيڻ“ جو ذڪر ۽ محمود خان اچڪزئي جي اها دعويٰ ته ”شريف حڪومت رڳو ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي“ رڳو سياسي بيان بازي نه، پر ان گهري بحران جي عڪاسي آهي، جنهن شهباز حڪومت کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

مان ايندڙ ڏينهن ۾ اقتدار جي هن گڏيل ڍانچي جي رخ جو فيصلو ڪندڙ پنج وڏيون تبديليون ڏسي رهيو آهيان.

پهريون: حڪومتي اتحاد جي سڀ کان وڏي ساٿي پاڪستان پيپلزپارٽي خاموشي سان پنهنجي ’ريڊ لائين‘ واضح ڪري ڇڏي آهي. تازن ڏينهن ۾ پارليامينٽ ۾ 22 اهم قانوني تجويزن جو ملتوي ٿيڻ رڳو فني رنڊڪ نه، پر پيپلزپارٽي جي ’سهڪار نه ڪرڻ‘ جو عملي ثبوت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ”اسان زبردستي ڪنهن ڳالهه کي نه اڳ قبول ڪيو آهي، نه اڄ ڪنداسين ۽ نه سڀاڻي ڪنداسين“ ۽ جيستائين اسان جا اعتراض ختم نه ڪيا وڃن، تيستائين سهڪار ممڪن ناهي. صوبائي حقن ۽ زبردستي ڪيل فيصلن کي قبول نه ڪرڻ واري بيان سان هن ان سياسي وٿي تي به مُهر هڻي ڇڏي آهي، جيڪا حڪومت کي قانون سازي جي محاذ تي مڪمل طور مفلوج ڪري سگهي ٿي.

ٻيو: عمران خان کي ملندڙ عدالتي رليف حڪومت لاءِ ساک جي تباهي جو هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي. حڪومت جي خواهش هئي ته رليف سان لاڳاپيل شرط، جهڙوڪ حلف نامو ۽ محدود وقت، خبرن جو مرڪز بڻجن، پر عوامي سطح تي رڳو ’ڳالهه طئي ٿي وڃڻ‘ وارو تاثر ايترو طاقتور ثابت ٿيو جو آمريڪا مان ماڻهو اسلام آباد جي صحافين کي پيغام موڪلي رهيا آهن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ اها بحث شروع ٿي وئي آهي ته ڇا عمران خان ٻاهر اچي رهيو آهي؟

ان صورتحال سبب هڪ هٿ سان رليف ڏيڻ ۽ ٻئي هٿ سان اهو واپس وٺڻ جي ڪوشش ۾ حڪومت ان تاثر کي واپس موڙيندي وڌيڪ ڪمزور نظر اچي رهي آهي.

ٽيون: اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ ’هڪ صفحي‘ تي هجڻ بابت شڪ وڌي رهيا آهن. بلاول ڀٽو جو اهو جملو ته ”دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي“ ان ئي بيچيني جي خبر ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ رانا ثناءُ الله روايتي انداز ۾ چيو ته ”اهو ڪارو ڪڍي ڇڏينداسين“، پر حقيقت اها آهي ته هن گڏيل حڪومتي ڍانچي جا اندريان لاڳاپا منجهائي چڪا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ن ليگ جو اڳواڻ طلال چوڌري هاڻي معاشي ۽ سفارتي ڪاميابين جي حوالي سان کلي عام ’فيلڊ مارشل‘ جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته حڪومت پنهنجي بقا لاءِ مڪمل طور تي هن سهاري تي ڀاڙي رهي آهي.

جڏهن ته اسلام آباد ۾ اهي ڳالهيون عروج تي آهن ته نظام ته اهو ئي رهندو، پر ان جي ’صورت‘ تمام جلد تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ هاڻوڪي سياسي چهرا شايد برقرار نه رهن.

چوٿون: عمران خان جي اسپتال منتقلي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ نئين توانائي پيدا ڪئي آهي، پر حڪومت لاءِ اصل امتحان ’طبي بورڊ جي اعتبار‘ جو آهي. جيڪڏهن بورڊ اها رپورٽ ڏئي ٿو ته عمران خان کي ڊگهي مدي واري علاج جي ضرورت آهي، جيڪو جيل ۾ ممڪن ناهي، ته شهباز حڪومت وٽ پوئتي هٽڻ جو ڪو رستو نه بچندو.

هي ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته اسپتال جيل ناهي ۽ اتي عمران خان جي موجودگي سندس سياسي تحريڪ لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڪري رهي آهي. حڪومت اهڙي منجهيل صورتحال ۾ ڦاسي چڪي آهي، جو جيڪڏهن خان کي اسپتال ۾ رکي ٿي ته تحريڪ وڌيڪ سرگرم ٿيندي ۽ جيڪڏهن کيس واپس جيل موڪلي ٿي ته انساني حقن ۽ صحت بابت عالمي دٻاءُ وڌندو.

پنجون: وزيراعظم شهباز شريف هن وقت پنهنجي ئي پارٽي ۽ اتحادي ڌرين وچ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي. هڪ پاسي هو مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي مفاهمت جو تاثر ڏئي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي سندس پنهنجي پارٽي اندر هڪ وڏو ڌڙو اهڙو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته پيپلزپارٽي جا خدشا درست آهن.

جتي مريم نواز ۽ شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ سان مڪمل هم آهنگي جو لبادو اوڍي ويٺا آهن، اتي نواز شريف جي خاموشي ۽ پارٽي جي اندروني حلقن ۾ پيپلزپارٽي سان هٿ ملائڻ جي خواهش شهباز شريف جي حيثيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته شهباز شريف جي ڪرسي جيتري پرسڪون تصويرن ۾ نظر اچي ٿي، حقيقت ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي.

You might also like