ڪراچي ۾ ساهه جون بيماريون وڌڻ لڳيون! ماهرن جي شهرين کي خاص هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ خراب هوا جي معيار سبب زڪام، کنگهه ۽ ساهه جي بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

ساهه جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر جاويد خان جو چوڻ آهي ته مينهن نه پوڻ سبب ڪراچي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس متاثر ٿيو آهي، جنهن سان ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته اسپتالن ۾ ساهه جي انفيڪشن وارن مريضن جي انگ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ساهه جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر شهرين کي احتياط جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته ٻار، وڏي عمر وارا ماڻهو ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو خاص احتياط ڪن.

هن جو چوڻ آهي ته گهرن ۽ آفيسن ۾ هوا جي مناسب اچ وڃ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like