ڏهن اميدوارن کي مات، مصباح ارشد مس يونيورس پاڪستان 2026 جو تاج کٽي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مصباح ارشد مس يونيورس پاڪستان 2026 لاءِ چونڊجي وئي آهي.
مصباح ارشد 24 نومبر تي پورٽو ريڪو جي شهر سان خوان ۾ ٿيندڙ مس يونيورس 2026 جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
مس يونيورس پاڪستان 2026 جي تاج پوشي واري تقريب فلپائن جي شهر منيلا جي روزال پارڪ هوٽل ۾ ٿي.
مصباح ارشد 10 اميدوارن جي فائنل مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مس يونيورس پاڪستان جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو ۽ هاڻي هوءَ عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
مصباح ارشد جو واسطو پاڪستان سان آهي ۽ هوءَ اسلام آباد ۾ پڻ رهي چڪي آهي.
هن وقت هوءَ جرمني جي شهر ميونخ ۾ رهي ٿي ۽ يونيورسٽي آف هيگن مان نفسيات جي تعليم حاصل ڪري رهي آهي.
2000ع ۾ جنم وٺندڙ مصباح ارشد 2023ع ۾ حسن جي مقابلن ذريعي نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي.
هوءَ مس پاڪستان ورلڊ 2023 ۽ مس اورا پاڪستان 2023 جو اعزاز پڻ حاصل ڪري چڪي آهي.

You might also like