ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نوجوان مير رضا جي مبينا قتل خلاف شاهراهه فيصل تي نوجوانن ۽ گل بهار واپاري اتحاد جي انتظام هيٺ گل بهار جي مک شاهراهه تي سينٽري اينڊ ٽائلز مارڪيٽ جي واپارين احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جام ٿي ويو، جنهن ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، احتجاج ۾ مير رضا جي والد مير حسين علي پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته دڪاندارن ۽ واپارين انصاف جي فراهمي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، مير رضا جي والد مير حسين علي چيو ته اسان کي انصاف جي اميد نظر نٿي اچي، وزيراعظم کان اپيل آهي ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، 22 ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃا تائين انصاف نه مليو آهي، هن حڪومت کي 5 کان 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان عرصي دوران ڪا واضح اڳڀرائي نظر نه آئي ته اسان فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين، جيڪڏهن شاگرد ۽ واپاري گڏ ٿي ويا ته احتجاج ڪٿي وڃي پهچندو، ان بابت سوچڻ گهرجي، اسان نئين جاچ ٽيم آڏو سوال رکيا آهن ته مير رضا ڪيس ۾ رڪشا جو ڪهڙو ڪردار آهي، هن الزام لڳايو ته ڪيس کي صحيح رخ ڏيڻ بدران ڪنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پوليس جو ايترو وڏو نظام تباهه ٿي ويو آهي، مير حسين علي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير تعزيت لاءِ به نه آيو. جيڪڏهن مير رضا جو ڪيس حل نه ٿيو ته احتجاج ذريعي سڄي شهر ۽ ملڪ تائين آواز پهچائينداسين، واپاري اتحاد جي صدر فرقان شيخ چيو ته سموري واپاري برادري مير رضا جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي، مير حسين اڪيلو ناهي، جيستائين مير رضا جي قاتل کي انجام تائين نه پهچايو ويندو، واپاري برادري سندس وارثن سان گڏ بيٺل رهندي، ٻئي طرف قتل ٿيل نوجوان مير رضا جي والدين پنهنجي وڪيل جبران ناصر ذريعي سنڌ جي وڏي وزير کي قتل ڪيس جي جاچ جي سڌي نگراني ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، مير رضا جي والدين پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل درخواست ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ پوليس اختيارين کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي، جن کان ڪيس جي جاچ جي سڌي نگراني جو مطالبو ڪيو ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نئين جاچ ٽيم نوان ثبوت ڳولڻ بدران خودڪشي واري موقف کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. والدين جو الزام آهي ته اصل جاچ ٽيم پاران مير رضا جي خودڪشي بابت مبينا طور غلط موقف پيش ڪيو ويو، مير رضا قتل ڪيس ۾ ڪيترن ئي سينيئر پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي اعتراض ڪندي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جو گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ موجوده جاچ ٽيم ذميوار آفيسرن خلاف ضروري ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، درخواست ۾ ڊي آءِ جي ايسٽ فرخ لنجار سميت ڪيترن ئي پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي،خط ۾ وڪيل جبران ناصر چيو آهي ته سنڌ پوليس جي موجوده جاچ ٽيم جي ناڪامي سبب گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي، جبران ناصر موجب نئين جاچ ٽيم به قتل بدران خودڪشي واري اڳوڻي موقف جي چوڌاري گهمي رهي آهي، نئين جاچ ٽيم جي تحقيقات به قتل بدران خودڪشي واري اڳوڻي موقف جي چوڌاري گهمي رهي آهي، اڳوڻي جاچ ٽيم جي مبينا غفلت ۽ جاچ رڪارڊ ۾ بي ضابطگين جي آزاداڻي جاچ ضروري آهي، جبران ناصر مطالبو ڪيو ته ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ايس آءِ يو، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف جاچ ڪئي وڃي، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين انهن آفيسرن کي حساس عهدن تان هٽائي معطل ڪيو وڃي، خط ۾ چيو ويو ته پوليس طرفان بروقت مدد نه ملڻ سبب وارثن پاڻ گاڏي جو پتو لڳايو. شروعاتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ ثبوت پوليس حوالي ڪرڻ باوجود ڪيترن ئي ڏينهن تائين اهي ثبوت ليبارٽري نه موڪليا ويا، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شروعاتي پوسٽ مارٽم ۾ خودڪشي بابت ڪا راءِ موجود نه هئي، ان باوجود اڳوڻي جاچ ٽيم خودڪشي وارو موقف اختيار ڪيو. پوليس طرفان مختلف سي سي ٽي وي وڊيوز ميڊيا کي جاري ڪيون ويون، جڏهن ته نئين جاچ ٽيم پڻ مقتول جي قرض ۽ ڪاروباري معاملن بابت سوال ڪري رهي آهي، سنڌ جو وڏو وزير پاڻ ڪيس جي جاچ جي نگراني ڪري. اڳوڻي جاچ ٽيم جي ڪردار بابت کاتي اندر جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته مقتول جا وارث ڪنهن فرد کي نشانو بڻائڻ نٿا چاهين، پر هو اغوا، تشدد ۽ قتل بابت اصل حقيقتون سامهون آڻڻ چاهين ٿا. وارث جاچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ يا ثبوتن کي متاثر ڪندڙ ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي جا خواهشمند آهن، ان سان گڏ ايس ايس پي انويسٽيگيشن يونٽ سميع الله سومرو، ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ، ايس پي ايسٽ عثمان سدوزئي ۽ ايس ايس پي ڪرائم سين يونٽ آصف علي جاکراڻي خلاف پڻ ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي.