لاهور(سجاد انور) عمران خان کي رليف ملڻ تي جنريشن زي جشن ملهائي رهي آهي،پي ٽي آءِ باني جي اسپتال منتقلي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ هاءِ ليول سيڪيورٽي جو اجلاس به ٿيو آهي ته ان علائقي کي ڪڙو چاڙهڻو آهي. ٻئي پاسي افواهه هلي رهيا آهن ته ڇا واقعي 28هين ترميم تي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪا ڊيل ٿيڻ وڃي پئي؟ يا پھر عمران خان کي ائين ئي اين آر او ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي؟ اهو به سوال آهي ته ڇا حڪومت 27 سيپٽمبر واري لانگ مارچ کان ڊڄي وئي آهي؟ عدليه هڪدم ڪيئن آزاد ٿي وئي جو ايترو آزاداڻو فيصلو ڪري ورتو ۽ فوري طور ان تي عملدرآمد به ٿي رهيو آهي؟ حقيقت هي آهي ته عمران خان هڪ وڏي سياسي پارٽي جو ليڊر آهي، اسٽيبلشمينٽ هن جي خلاف آهي. ان وقت هن لاءِ هيءَ ايتري سهولت ملڻ سواليا نشان ته يقينن آهي.هڪ سازشي نظريو هيءَ به هلي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي صوبن جي مخالفت ڪري رهي آهي ته 28 هين ترميم لاءِ پي ٽي آءِ سان ڇو نه ڳالهايو وڃي؟ ڳالهين دوران پي ٽي آءِ سڀ کان پهرين پنهنجي ليڊر کي رليف جي گهر ڪئي هوندي. ٻي ڪهاڻي هيءَ آهي ته مان جسٽس(ر) منصور علي شاهه هڪ آرٽيڪل لکيو هو ان ۾هن چيو هو ته پاڪستان جو سسٽم تباهه آهي انصاف نه ملڻ جا ذميوار جج آهن، جيڪي پريشر ۾ اچي ويندا آهن، صحيح فيصلا ناهن ڪندا، آئين کي ناهن ڏسندا، ٽيون سبب هي ٿي سگهي ٿو ته حڪومت تي نون صوبن جي حوالي سان دٻاءُ وڌي رهيو آهي، پيپلز پارٽي ناراض ٿي رهي آهي ته حڪومت به هي سمجھي رهي آهي ته سڀ سياسي قوتون جيڪڏهن هڪ جاءِ گڏ ٿي وينديون ته شايد اسٽيبلشمينٽ ايترو پريشر نه وجهندي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ خلاف رليف ڏنو ويو آهي يا اسٽيبلشمينٽ کان پڇڻ کان سواءِ ڏنو ويو آهي، ته ان فيصلي خلاف، ڪٿان نه ڪٿان بيان اچڻ شروع ٿي ويندا، سپريم ڪورٽ کي پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت بابت سياسي بيان بازي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، مک سوال اهو به آهي ته ڇا پي ٽي آءِ ان سڄي رليف کي سمجھداريءَ سان هينڊل ڪندي يا پاڻ لاءِ وري ڪو مسئلو پئدا ڪري وٺندي؟ جيڪڏهن الشفا اسپتال جي آسپاس سندن چاهيندڙ خيما لڳائي ويهي رهيا، ته انهن کي ڪير روڪيندو؟ حڪومتي وفد جي ملاقات محمود خان اچڪزئي سان ٿي آهي. اڄ پيپلز پارٽي جي وفد جي به ملاقات هئي پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اها ملتوي ٿي وئي آهي، صوبن جي معاملي تي دٻاءُ ۾ آيل ن ليگ کي هڪ وڏي حمايت جي ضرورت آهي.پهرين کين اچڪزئي ڇو نه ياد آيو؟ ان جو چيمبر به ان پارليامينٽ ۾ هو. پهرين ڇو نه رانا ثناءُالله وفد وٺي ويو؟ هاڻي اهي چاهين ٿا ته ان معاملي تي پردي پٺيان هڪ اهڙو اتحاد ٺاهيو وڃي جنهن ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي زور تي بيهي اهڙا آواز اٿارين جنهن سان مسلم ليگ جو درد سانجھو ٿي وڃي، لڳي ٿو ته مريءَ ۾ ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ جيڪو اجلاس ٿيو هو، ان ۾ فيصلو ٿيو هو ته پارٽي اڳواڻ اچڪزئي سان ملن ٻئي پاسي اهي به خبرون آهن ته نون صوبن تي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سخت موقف وٺندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو صوبن جي تقسيم بابت اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيھندو ته غير متعلق ٿي ويندو، ۽ جيڪڏهن ٻئي پاسي ويندو ته وزارت اعظميٰ لاءِ هن جي نالي تي ڪاٽو لڳي ويندو.