کير جو اگهه 340 رپيا ٿيندو؟ ڪمشنر ڪراچي پاران اجلاس طلب!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ کير جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو 20 آگسٽ تي ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اجلاس ۾ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪندا. ڊيري فارمرز طرفان في ليٽر کير جي قيمت 340 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي مهانگائي جي صورتحال ۾ 340 رپين کان گهٽ اگهه تي کير وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري کير جا نوان اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ سندن مطالبو منظور ڪيو وڃي.

You might also like