اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪوآپريشن (پاسڪو) وٽ ڪڻڪ جا اسٽريٽجڪ ذخيرا مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي اجازت باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گهربل مقدار ۾ ڪڻڪ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، جنهن سبب پاسڪو وٽ موجود اسٽريٽجڪ ڪڻڪ جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن.
رپورٽ موجب، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هاڻي 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته درآمد کان اڳ ضروري شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.
اختيارين موجب، درآمد لاءِ مقرر ڪيل شرطن ۾ پري شپمينٽ انسپيڪشن ۽ صوبن طرفان پنهنجي ضرورت لاءِ گهربل رقم فراهم ڪرڻ شامل آهي.
You might also like