صوبا ٺاهڻ آءِ ايس پي آر جو ڪم ناهي، سنڌ ۾ نئون صوبو نه ٺهندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ ايس پي آر جو ڪم صوبا ٺاهڻ ناهي، اهو اسيمبلين جو ڪم آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ ايڪو پيدا ٿيو آهي، ڪجهه اينڪر جاهلاڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جيڪي به ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪن پيا، انهن کي سوچڻ گهرجي.
سعيد غني چيو ته جيڪو وڻيوَ سو ڪيو ، سنڌ ۾ صوبو نه ٺهندو، هوش کان ڪم وٺو، سنڌين کي نفرتن ڏانهن ڇو ڌڪڻ چاهيو ٿا؟ صوبو ٺاهڻ بابت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال مختلف آهي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ صوبن لاءِ ايم ڪيو ايم ٽپا ڏئي رهي آهي، مان ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيندس، ايم ڪيو ايم جي ٽن چئن ماڻهن جي حيثيت ڇا آهي؟ اهي هڪ ٻئي سان گڏ ويهڻ نٿا چاهين. کين شرم اچڻ گهرجي، نفرتون پيدا ڪري رهيا آهن.
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي موجب ڪراچي کي الڳ نظام ڏنو ويو هو، جنهن تي سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاج ٿيو. سڄو سنڌ پيپلز پارٽي خلاف احتجاج ڪيو هو، جنهن تي ايم پي ايز قيادت کي چيو ته اهو نظام واپس ورتو وڃي، پيپلز پارٽي مجبور ٿي ٻٽو نظام واپس ورتو.
هن چيو ته صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه تي سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي کي ويهڻ نه ڏيندا، جڏهن ته ٻيون جماعتون به سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهن.
سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي چوي ٿي ته هو عوام لاءِ احتجاج ڪن ٿا، پوءِ 18 هنڌن تي شهر جا روڊ بند ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته عوام کي تڪليف ڏيڻ سان شهباز شريف تي ڪهڙو فرق پوندو؟ جماعت اسلامي جو مقصد ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ آهي. حافظ نعيم پڙهيل لکيل ماڻهو آهي، عقل کان ڪم وٺي.

You might also like