اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا، ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي تي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي باضابطا شڪايت موڪلي ڇڏي آهي.
نادرا طرفان ڊي جي ايف آءِ اي کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريلوي پوليس جي درخواستن بابت ايف آءِ اي طرفان مينوئل خط موڪليا ويا.
نادرا جي خط تي ڊي جي ايف آءِ اي سڀني زونن کي سخت هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ اي جا سرڪل ۽ آفيسون ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊيٽا شيئرنگ ماڊيول پورٽل ذريعي نادرا کي درخواست موڪلين.
ڊي جي ايف آءِ اي حڪم نامي ۾ سڀني ايف آءِ اي زونن کي ٻين کاتن سان سڌو رابطو ڪرڻ کان روڪيندي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل ذريعي رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
ڊي جي ايف آءِ اي حڪم نامي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ لاڳاپيل اختيارين خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته مينوئل ٽپال ذريعي ڳجهي ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي.
You might also like