منهنجا پٽ عالمي جنگن سبب ڊنل آهن، پڇن ٿا ”ڇا حالتون وڌيڪ بگڙي وينديون؟“ سيف علي خان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا ۾ جاري جنگن ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب سندس پٽ تيمور علي خان ۽ جئه ڊنل رهن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سيف علي خان پنهنجي گهرواري ڪرينا ڪپور خان سان گڏ ٻنهي پٽن تيمور ۽ جئه بابت ڳالهائيندي دنيا ۾ جاري بحرانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي اُڙي جي دوري دوران سيف علي خان ٻڌايو ته سندس ٻار دنيا ۾ جاري ڪيترين ئي جنگن بابت سوال ڪندا آهن ۽ موجوده صورتحال کان ڊنل پڻ آهن.
سيف علي خان چيو ته سندس ٻار پڇندا آهن ته ”اسان جي حفاظت ڪير ڪري رهيو آهي؟ اڳتي ڇا ٿيندو؟ ڇا صورتحال بگڙي ويندي؟“
اداڪار موجب، هو پنهنجي ٻارن کي يقين ڏياريندو آهي ته فوج سندن حفاظت ڪري رهي آهي ۽ هو فوجين تي فخر ڪن ٿا.
اداڪار جا اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن دنيا جي مختلف حصن ۾ جاري جنگن ۽ ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي رهي آهي.

You might also like