واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فلم”آئس پرنسس“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا جي موت جي تصديق سندس ترجمان طرفان ڪئي وئي آهي.
هيڊن پنيٽيئر ۽ اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ 2005ع جي مشهور ڊزني فلم ”آئس پرنسس” ۾ گڏ اداڪاري ڪئي هئي.
ان کان اڳ اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ پڻ گذريل سال فيبروري ۾ 39 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
اداڪارا جي موت جي حتمي سبب بابت اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته سندس مداح ڪُمهلي موت تي ڏُکارا آهن.
واضح رهي ته هيڊن پنيٽيئر آمريڪي ٽي وي سيريز سميت مختلف فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪري چڪي آهي.
You might also like