هر اڱاري تي عمران خان ۽ بشرا جي بي بي ٿيندي آهي، ٻئي هنيئر تائين 84 ڀيرا ملي چڪا آهن: اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ جي رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيترائي سرڪاري ڊاڪٽر عمران خان جو طبي معائنو ڪندا رهن ٿا.
سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل عمران خان جي صحت ۽ ملاقاتن بابت 2 صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي.
رپورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ سلمان اڪرم راجا طرفان عدالت ۾ ڏنل خاطري جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته هن خاطري ڪرائي هئي ته ملاقات کانپوءِ جيل جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندو.
رپورٽ موجب، عدالتي حڪم باوجود ميڊيا ٽاڪ ڪري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ شير افضل ڪيس ۾ جيل رولز 265 کي قانون جي خلاف قرار ڏئي چڪي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيل ۾ ملاقاتن ذريعي عدليه، پرڏيهي پاليسي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف عوامي جذبن کي ڀڙڪايو ويو.
اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرواري جي هر اڱاري تي جيل رولز تحت باقاعدگي سان ملاقات ڪرائي ويندي آهي، جڏهن ته هن وقت تائين ٻنهي جون 84 ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. وڪيل سلمان صفدر پڻ 10 فيبروري ۽ 4 اپريل 2026ع تي عمران خان سان ملاقات ڪري چڪو آهي.
رپورٽ موجب، طبي عملو خ پي ٽي آءِ سپرنٽنڊنٽ جي ڏينهن ۾ 3 ڀيرا کاڌي پيتي جي جاچ ۽ طبي معائنو ڪندو آهي.
ان سان گڏ ڪيترائي سرڪاري ڊاڪٽر عمران خان جو چيڪ اپ ڪندا آهن، جنهن جو رڪارڊ پڻ موجود آهي.
4 نومبر 2023ع کان 10 آگسٽ 2026ع تائين مختلف طبي ماهرن طرفان ڪيل 39 چيڪ اپس جي سمري پڻ رپورٽ جو حصو آهي.
عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب اکين جي ماهر کان عمران خان جي اکين جو علاج پڻ ڪرايو ويو ۽ عمران خان جي هڪ اک نارمل ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سڀاڻي عمران خان جي صحت ۽ ملاقاتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like