ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 2 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 61 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 1 هزار 715 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 96 هزار 35 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون 20 ڊالر اضافي سان 4 هزار 395 ڊالرجو ٿي ويو آهي.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون 2 هزار رپيا مهانگو، في تولو 4 لک 61 هزار کان ٽپي ويو
You might also like