قطر ايراني پائلٽن بابت حقيقتون سامهون اچڻ نٿو ڏئي: ايراني فوجي عهديدار

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب ايران جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي گم ٿيل فوجي اهلڪارن جي ڳولا لاءِ قائم ڪميٽي جي سربراهه محمد باقر زاده چيو آهي ته ايراني هوائي فوج ۽ حقيقتون معلوم ڪرڻ واري ٽيم ڪيترن ئي مهينن کان قطر وڃڻ ۽ معاملي جي جاچ لاءِ انتظار ڪري رهي آهي.

هن الزام لڳايو ته قطري اختيارين بار بار جاچ ۾ دير ڪري رهيا آهن ۽ ايراني ٽيم کي قطر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي.

محمد باقر زاده چيو ته ريڊ ڪراس کي معاملي تي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته قطر ايراني پائلٽن کي حراست ۾ رکڻ واري دعويٰ کي رد ڪري چڪو آهي.

You might also like