سنڌ بچائڻ خاطر ڪروڙين ماڻهو ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار آهن:عوامي ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سياسي پارٽين اديبن ۽ دانشورن اسٽيبلشمينٽ کي واضع پيغام ڏنو آھي ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سنڌ ، سمنڊ ۽ ان جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ ڊگھي ۽ تاريخي جدوجھد ڪندا کين سنڌ وطن جو ورھاڱو قبول ناھي ، سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيا ته سنڌ جو ھر   روڊ ۽ چوڪ ٻٻرلوءِ بڻجي ويندو عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ ملڻ شرط ملڪ جي خالق قومن جي وسيلن،ملڪيتن ، زمين تي قبضو ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي آھي ھن واضع ڪيو ته اڄ جي ھن ڪانفرنس ۾ شامل پارٽين حڪمرانن تي واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ڪروڙين سنڌي وطن جا محافظ بڻجندا اسين سنڌ ، سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين  نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي قومي سڃاڻپ کسڻ پويان نيو ورلڊ آرڊر جو عالمي تصور آھي پاڪستان جا ھي حڪمران عالمي سرمائيداري جي فڪري پوئلڳي ڪندي  سمنڊ ، معدني وسيلا ۽ سنڌي ماڻھن جي قومي سڃاڻپ کسڻ گھرن ٿا ھن چيو سنڌ جي قومي سڃاڻپ کسڻ لاءِ مرحليوار سازشون ٿينديون ، اقتدار  جا اصل ڌڻي اين ايف سي ايوارڊ ۽ سي سي آءِ ۾ صوبن کي مليل اختيار گھٽائي آئين ۾ ترميم ڪري صوبن کان اختيار کسي وفاق حوالي ڪرڻ گھرن ٿا اسان کي ھر پاسي نظر رکڻ گھرجي ھن چيو ته آئيني طور اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت کان سواءِ صوبا ٺھي نه ٿا سگھن ھو مرحليوار سنڌ مٿان حملي آور ٿيندا ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ھوت خان گاڏھي چيو ته جڏھن به سنڌ تي تڪليف اچي ٿي ته سنڌ جون ترقي پسند، قومپرست ڌريون سنڌ سان بيٺل نظر اچن ٿيون ، سنڌ حڪمران طبقي يا ڪنھن  حڪمران پارٽي نه سنڌ جي قوم پرست ، ترقي پسند پارٽين جي مزاحمت ڪري بچي آھي ڪالاباغ ڊيم ، ٻٽو نظام سنڌ جي عوام ٺھڻ،  ھلڻ نه ڏنو ھن چيو ته سنڌ کي ورھائڻ. جي سازش اڄ جي ناھي پراڻي آھي ھن چيو ته ڪئنالن واري تحريڪ ھاءِ جيڪ نه ٿئي ها ته اقتدار تي قابض ڌريون  اڄ ھي سنڌ ورھائڻ واري ڳالھ ڪرڻ جي ھمٿ نه ڪري سگھن ھا ھن چيو ته سنڌ اسان جو وطن سنڌ ورھائڻ نه ڏينداسين، ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضيءَ چيو ته پاڪستان جا حڪمران قبضاگير آھن اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو پاڻ ٿو چوي ته نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، پاڪستان جا حڪمران پاڻ ناڪام  ٿيا آھن،ملڪ ۾ ماضيءَ ۾ ون يونٽ  ۽ اڄ  نون انتظامي يونٽن جي ڳالھ ٿئي پئي  ھن چيو ته اسان کي اتحاد ڪرڻ گھرجي، سمورين مظلوم قومن سان جبر پيو ٿئي ، پنجاب ۾ خود وڏو ظلم پيو ٿئي ،اھي به اسان جا اتحادي ھجڻ گھرجن،ن عوام کي سڏ ڏنو ته جنھن ڏينھن قومي جا صوبائي اسيمبلي ۾ سنڌ کي ورھائڻ ، جبر جي بنياد تي نون صوبن ٺاھڻ جي قرارداد آندي وڃي ته سنڌ جا ماڻھو روڊن ۽ رستن تي نڪري اچن پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاھ چيو ته اسٽيبلشمينٽ مرڪزيت واري پاليسي لاڳو ڪري مظلوم قومن جي معدنيات ، ڌرتي ۽ وسيلن تي قابض ٿيڻ گھري ٿي  ھو ڪڏھن ون يونٽ ته ڪڏھن گھڻا يونٽ ٺاھي قومن جي قومي سڃاڻپ کسي سنڌ کي ورھائي ھانگ ڪانگ وانگر  ڪراچي کي سنڌ کان کسي  وفاق جي اختيار ۾ رکڻ جي پلاننگ ڪري رھيا آھن،ھن چيو ته جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙيو ويو ته سنڌ جن شرطن تي وفاق ۾ شامل ٿي ھئي ان جي ڀڃڪڙي ٿيندي ۽ اھڙي صورتحال ۾ سنڌ وفاق کان ڌار ٿي خودمختياري جي گھر ڪري سگھي ٿي. عوامي جمھوري پارٽي جي سيڪريٽري جنرل لال شاھ  چيو ته اسان  ايسٽ انڊيا  ڪمپني جي غلامي مان نڪري اسٽيبلشمينٽ جي غلامي ور چڙھي وياسين اسين پنج ھزارسال تھذيب رکندڙ سنڌ وطن جا وارث آھيون جنگ ته جنگ سھي سنڌ ھڪ آھي ھڪ رھندي، پختونخواہ نيشنل عوامي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ صديق آغا چيو ته 1940 جي قراداد جي بنياد تي ملڪ ٺھيو پر ان جي ڀڃڪڙي ڪندي قومن جي سڃاڻپ کسي وئي ھي اختيارين جي ھيٺين سطح تي ڳالھ ڪري قومن جي قومي سڃاڻپ ميسارڻ گھرن ٿا، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ کي ھي ڏکيا ڏينھن 18 سال سنڌ مٿان مڙھيل پيپلزپارٽي جي حڪمرانن ڪري ڏسڻا پيا آھن ھن پيپلزپارٽي جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو  ته ھاڻ ھڪ ادارو نوٽيس ٿو موڪلي اسان تي ته  ست ست ڪيس داخل آھن ھن چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ آھي ۽ اسين امڙ جو ورھاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين  عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ساجد مھيسر چيو ته ھن ملڪ ۾ سنڌ آزاد ۽ خودمختيار حيثيت شامل ٿي ھئي، ان سنڌ جي نڙي تي لت ڏني وئي آھي  1940 جي قرارداد تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي ان کي پٺي ڏئي سنڌ مخالف فيصلا ڪيا ويا   سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ٿي. نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر طالب جکرو چيو ته  سنڌ ڏکي ٿيندي پئي وڃي ۽ وفاق کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آھي حڪمران زوري ڪينال پيا ٺاھين،نامياري ليکڪ ڊاڪٽر قاسم چاچڙ چيو ته ھي جدوجھد سنڌ جي بقا جي جدوجھد آھي اسين سڀ گڏ آھيون ،حافي دستگير ڀٽي چيو ته سنڌ  جا فيصلا سنڌ  حڪومت نه اسٽيبلشمينٽ پئي ڪري،ليکڪ مير مظھر ٽالپر چيو ته سنڌ ھوندي يا نه؟ وارو فيصلو ٿيڻ پيو وڃي حڪمران وڌيڪ ڪمزور ٿيا آھن ھو  اسان جي سگھ کان ڊنل آھن  نامياري اديب يوسف سنڌي چيو ته سنڌ بچائڻ جي جدوجھد جو مرڪز ڪراچي ھجڻ گھرجي  سگا اڳواڻ قاسم ناريجو چيو ته سياسي راند سيمي فائنل ۾ آھي ھو سنڌو درياهه ۽ سمنڊ جي ساحلي پٽي تي قبضو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آھن ,عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) سنڌ جي صدر يونس راھو چيو ته  پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۽ عوام جي حقن  جي تحفظ ڪرڻ  ۾ ناڪام وئي آھي سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي صدر ڪائنات ھاليپوٽو چيو ته ھي حڪمران سنڌ کي اسرائيل بنائڻ ٿاگھرن نامياري ليکڪ ظفر جوڻيجو چيو ته ھنن اعلان جنگ ڪيو آھي ۽ اسان جو انداز کين سمجھائڻ وارو آھي ھو آئين کي ئي نه ٿا مڃن سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته جڏھن سڪندراعظم ھو ته سنڌ  ته ان کان اڳ به ھئي، ھن چيو ته ملڪ کي تجربيگاھ نه سمجھو ، اسين سنڌ ورھائڻ نه ڏينداسين نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته  رسول بخش پليجي صحيح چيو ھو ته  سنڌ کانسواءِ پاڪستان ٺھيو ئي ڪو نه پئي  ھن چيو ته ڌرتي   ٻولي ۽ وسيلن تي ڌرتي ڌڻين جو حق ھجي ٿو  ھن تجويز ڏني ته سنڌ بچايو اتحاد ٺھڻ گھرجي ڪراچي ۽ قاسم پورٽ سنڌ جو حوالي ڪيو سٽيزن شپ جو حق 1954 تائين  رکيو وڃي  سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ آفتاب خانزادو چيو ته سنڌ وطن آھي وطن تقسيم ناھي ٿيندو ، اھڙي ڳالھ ڪندڙ خود ختم ٿي ويندا عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر علي نواز نظاماڻي چيو ته سنڌ اسان جي ريڊ لائين آھي،ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته ھڪ ڌر چور ۽ ڌاڙيل ٻيا اسين ڀاڳيا آھيون ، اسان ايوب  خان جي آمريت سان به مزاحمت ڪئي ھئي ، سنڌ وطن جا ڀاڳيا ھن اسٽيبلشمينٽ کي به پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪنداسنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي صدر ثمر جتوئي چيو ته فاروق ستار جي اندر ۾ لنڊن جو اڳواڻ ويٺل آھي حيدر بخش جتوئي ، رسول بخش پليجي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياسي جدوجھد جا بنياد سنڌ ۾ موجود آھن سنڌ جو ورھاڱو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ته 7 ڪروڙ سنڌي سنڌ تي قربان ٿيندا ،  سنڌياڻي تحريڪ جي صدر عمراہ سمون چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪم سياست ڪرڻ ناھي ، ھو وڃي سرحدون سنڀالين سنڌ جي ھر ڪنڊ ۽ شھر حڪمرانن لاءِ ٻٻرلوءِ ثابت ٿيندو ان موقعي تي ادريس لغاري ، فھيم نوناري، فھيم نوناري،عظمت هاليپوٽو،سنڌ انڊيجينس الائينس جي اڳواڻ محمد عمران ڪلمتي به خطاب ڪيو،

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي  تحريڪ طرفان سڏايل "عوامي ڪانفرنس”۾ پاس ڪيل پڌرنامي  ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورا سياسي اڳواڻ، اديب، دانشور، وڪيل، صحافي، شاگرد، مزدور، هاري، آبادگار، سول سوسائٽي ۽ مختلف فورمن جا نمائندا، سنڌ جا گھڻگھرا ۽ ھڏڏوکي ان ڳالھ تي متفق آھيون ته ھن وقت اسان جي تاريخي وطن سنڌ جو وجود، وسيلا ۽ قومي بقا سخت خطري ۾ آھن. اسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، حڪمران طبقي ۽ اشرافيه کي اھو واضح ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي. سنڌ جو عوام اها ڳالهه سمجهي ٿو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي، ايم آر ڊي جي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ هجي، سنڌ جي حصي جي پاڻي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ، ڀاشا ڊيم سميت غيرقانوني ڊيمن، ڪينالن ۽ بئراجن جي مخالفت هجي، عدليه جي آزادي جي جدوجهد هجي، سنڌ اندر ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ جي سازش هجي يا سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ قدرتي معدني وسيلن تي رياست طرفان قبضي جو مسئلو هجي سنڌ هميشه ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ۽ ڪراچي کان ڪارونجهر تائين هڪ ئي آواز ٿي سنڌ جي وسيلن، وحدت، جمهوريت ۽ انصاف جي بچاءَ جي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد لاءِ اڳين صفن ۾ رھي آهي ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي رهندي آئي آھي۔ سنڌ ۾ ٻيھر ايم ڪيو ايم جھڙي سفاڪ، دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي معرفت رتو ڇاڻ ڪرائڻ جي سازش تيار ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمرانن جي آشيرواد سان ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد سرعام ميڊيا تي هٿيار کڻڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن. سنڌ اسان جو تاريخي وطن ۽ ھن ملڪ جو خالق صوبو آھي. ان کي نون صوبن /يونٽن جي آڙ ۾ ٽوڙي ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ دراصل ڪراچي جيڪو سنڌ جي دل ۽ گادي جو هنڌ آھي، هاڻ اسٽيبلشمينٽ مارشلائن جي جاءِ تي هائبرڊ نظام ۽ من پسند سياستدانن کي اقتدار ڏيئي ان معرفت آئين ۾ پنهنجي مطلب جي ترميمن ذريعي قومن جي حقن، وسيلن ۽ شهرن تي قبضو ڪري سندن وجود کي ميساريو وڃي. جنهن جي شروعات 26هين ۽ 27هين ترميم ذريعي ٿي چڪي آهي جنهن تحت عدليا کي مڪمل طور غلام بڻايو ويو آهي. 27هين ترميم کانپوءِ 28هين ترميم جون تياريون شروع آهن. سنڌ جو عوام پنهنجي تاريخي وطن کي ورهائڻ جي سازش برداشت نه ڪندو. سنڌو درياءَ اسان جي جياپي جو واحد وسيلو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سنڌين کان پنھنجي  تاريخي ڌرتي کسڻ ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير ملڪي ڪمپنين ۽ وفاقي ادارن کي ڏيڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آھي. جيڪڏھن واقعي پيپلزپارٽي نون صوبن جي خلاف آھي ته جلد کان جلد سنڌ اسيمبلي مان نون صوبن خلاف قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ، وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري. اسين سمجهون ٿا ته هڪ پاسي بلوچستان، ڪشمير ۽ خيبرپختونخواه ۾ وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلط پاليسن سبب صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا.

You might also like