صوبن بابت حڪومت سان اسٽيبلشمينٽ ڳالهه ناهي ڪئي:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڃا تائين اها خبر ناهي ته ڪيترا صوبا هئڻ گهرجن،ڪو 20 يا ڪو 29 صوبا چئي رهيو آهي،جيستائين معاملو ميز تي نه هجي ڪجهه حتمي نٿو چئي سگهجي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڇا عليم خان صوبن بابت ڪو منصوبو پيش ڪيو آهي؟مصطفيٰ ڪمال رڳو ڪراچي جي حد تائين صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو،هن چيو ته رڳو ٽاڪ شوز ۾ صوبن ۽ بااختيار مڪاني نظام جا حوالا ڏنا پيا وڃن،پارٽي ۾ ان معاملي تي اڃا بحث ناهي ٿيو،هن چيو ته محسن نقوي،عليم خان،مصطفيٰ ڪمال جهڙا وزير صوبن جي ڳالهه ڪابينا ۾ رکن،هتي هُتي ڳالهيون نه ڪن،هن چيو ته ن ليگ صوبن جي معاملي کي 2029ع جي پارليامينٽ تي ڇڏڻ واري ڪا به راءِ نه ڏني آهي،ڪابينا ۾ اهو مسئلو بحث هيٺ ناهي آيو،نون صوبن جو مطالبو عوام ۾ مقبول مطالبو ناهي،پوڊ ڪاسٽ،ٽاڪ شوز،وي لاگ کي ڇڏي عوامي سطح تي اها ڳالهه ڪٿي پئي ٿئي؟رڳو هزاره صوبي تي ن ليگ ۾ ٻن ٽن ماڻهن اها ڳالهه ڪئي آهي، ملتان، بهاولپور، ڏکڻ پنجاب ۾ ڪٿي اهڙي ڳالهه ٿي آهي؟ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪا سوچ هوندي ته پهرين اها ٽاڪ شوز ۾ ڳالهائيندي يا حڪومت سان ڳالهائيندي؟ اسٽيبلشمينٽ اهڙي ڳالهه ڪئي ته معاملو ڪابينا ۾ ايندو،اسٽيبلشمينٽ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، ريفرنڊم جو فيصلو ڪير ڪندو؟

You might also like