ڪامورا ئي اصل ۽ مستقل حڪمران آهن، ڪنهن به انهن جو احتساب نه ڪيو: خواجا آصف

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) دفاع واري وزير خواجا آصف بيوروڪريسي کي پاڪستان جا اصل ۽ مستقل حڪمران قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 78 سالن جي تاريخ ۾ سياستدانن سميت ٻين حڪمران طبقن جو احتساب ته ٿيو، پر بيوروڪريسي کي ڪڏهن به اهڙي نموني جوابده نه بڻايو ويو.هڪ سينيئر بيوروڪريٽ جي مبينا مالي بدعنواني بابت پوسٽ شيئر ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سياستدانن جي احتساب جا بي شمار مثال ملن ٿا، جڏهن ته ٻين حڪمران طبقن جي حوالي سان پڻ ڪجهه مثال موجود آهن، پر بيوروڪريسي جي احتساب جا مثال ڳولڻ مشڪل آهي.خواجا آصف ماضي جي هڪ بيوروڪريٽ حڪمران جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو سياستدانن جي منهن تي انتهائي اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪندو هو ۽ سياستدان اهي ڳالهيون برداشت ڪندا هئا. جيڪڏهن گذريل 78 سالن دوران بيوروڪريٽن کي وزيرن ۽ صلاحڪارن طور شمار ڪيو وڃي ته انهن جو انگ به تمام گهڻو بڻجي ٿو.دفاع واري وزير چيو ته جيڪڏهن بيوروڪريسي اڄ هڪ اهڙو طبقو بڻجي چڪي آهي، جنهن جو ڪو احتساب نٿو ڪري سگهي ۽ ان کي جوابده بڻائڻ وارو ڪو ناهي، ته ان جا اصل ذميوار سياستدان ۽ سندن ڪمزوريون آهن، جڏهن ته بيوروڪريٽ رڳو هن صورتحال مان فائدو وٺندڙ ڪردار آهن.هن چيو ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ بيوروڪريسي ملڪ جي سمورن ڪاروباري ادارن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. ان کان پوءِ قومي تحويل ۾ ورتل اثاثا تباهه ٿي ويا، پر ڪنهن به حڪومت انهن طاقتور ۽ ناقابلِ احتساب عنصرن کان سوال نه ڪيو.خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته اهو سانحو سقوطِ ڍاڪا کان به وڏو ثابت ٿيندو. هن چيو ته ان نقصان جو حساب ڪرڻ لاءِ حساب ڪتاب ۾ موجود صفر به شايد گهٽ پئجي وڃن. موجوده حڪومت نجڪاري جو پروگرام اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ هو ان جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهن.هن چيو ته نواز شريف پهريون حڪمران هو، جنهن ملڪ ۾ قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي نتيجي ۾ ٿيل تباهي کي واپس موٽائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو پڻ ان عمل کي اڳتي وڌايو، پر ان کان پوءِ اهو سلسلو رڪجي ويو. مستقل حڪمران بيوروڪريسي انهن ڪوششن جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون، تنهن هوندي به وزيراعظم شهباز شريف طرفان نجڪاري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ هو دعا ڪن ٿا ته اها ڪوشش ڪامياب ٿئي.خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي بيوروڪريسي سان لاڳاپيل امير ماڻهو پرتگال، ڪينيڊا، آمريڪا، برطانيا ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ اهي ماڻهو سياستدانن جي دور انديشي کان محرومي جو سڌو سنئون فائدو وٺندڙن ۾ شامل آهن.

You might also like