پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت وفاق جي هدايت تي وفاقي مالي منتقلي مان 6.4 ارب رپين جي ڪٽوتي کان انڪار ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سهيل آفريدي موجب، وفاق بجيٽ کان اڳ خيبرپختونخوا کان واڌو رقم جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ايف بي آر جو 15 هزار 260 ارب رپين جو هدف حاصل ٿيڻ تي خيبرپختونخوا جو حصو 175 ارب رپيا بڻجندو هو، واڌو رقم جي فراهمي کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ۽ سندس اجازت سان مشروط ڪيو ويو هو،ضم ٿيل ضلعن کي 11هين قومي مالياتي ڪميشن ۾ جائز حصو ڏيڻ پڻ شرط هو، وفاق ضم ٿيل ضلعن کي حصو ڏيڻ جو شرط قبول ڪيو ۽ ان کي اين ايف سي جي ڪارروائي جو حصو بڻايو، جڏهن ته 6 مهينن اندر حصو نه ملڻ تي 7هين اين ايف سي تحت سمري ۽ آرڊيننس جو فيصلو ڪيو ويو هو، عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ سبب واڌو رقم بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون نه ڪيون ويون ۽ مالي سال 2026-27 جي صوبائي بجيٽ ۾ وفاقي گرانٽ جي واڌو رقم پڻ شامل نه ڪئي وئي، خيبرپختونخوا حڪومت اين ايف سي جي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي، هن چيو ته وفاق کي غير منظور ٿيل مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي هڪ طرفي طور رقم منفي ڪرڻ جو اختيار ناهي، صوبائي حڪومت آئيني حقن جي تحفظ لاءِ هر قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪندي ۽ پنهنجي مالي حصي جي هڪ هڪ رپئي جو دفاع ڪندي.ٻئي پاسي سهيل آفريدي ۽ اسد قيصر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ فيصلو ٿيو ته سهيل آفريدي پنجاب، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو دورو ڪندو، دورن دوران سياسي قيادت سان ملاقاتن سان گڏ عوامي رابطا مهم پڻ هلائي ويندي، دورن دوران سهيل آفريدي مختلف علائقن جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته عوامي رابطا مهم پڻ هلائي ويندي، پارٽي تنظيمن سان مشاورت کانپوءِ مختلف صوبن ۾ اجلاس ۽ ملاقاتن جو شيڊول طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورين اپوزيشن پارٽين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو.