مري (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ن ليگ کي ڪاميابي ملي، عوام ڏکين حالتن باوجود بهترين فيصلو ڪندي وڳوڙ ، رتوڇاڻ، احتجاج ۽ هڙتالن کي ووٽ جي طاقت ذريعي شڪست ڏني.
مري ۾ ن ليگ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهين پيا، انهن لاءِ اها شڪست فاش آهي، آزاد ڪشمير جي عوام کي خبر آهي ته کين ڇا گهرجي ۽ وفاق توڙي پنجاب ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام تعمير ۽ ترقي کي ووٽ ڏنو، چونڊون وڏو امتحان نه هيون، هاڻي اصل امتحان شروع ٿيو آهي، حڪومت ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن کان ئي ڪم شروع ڪرڻو آهي، پروٽوڪول ۽ دعوتن مان لطف اندوز ٿيڻ بدران ڪشمير لاءِ فوري طور ڪم ڪرڻو پوندو.
مريم نواز چيو ته جديد پاڪستان جو هڪ باني آهي ۽ ان جو نالو نواز شريف آهي.
ن ليگ خلاف جيتريون سازشون ٿيون آهن، شايد ئي ڪنهن ٻي جماعت خلاف ٿيون هجنم اسان جي قيادت کي ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو.
هن چيو ته 2021ع جي چونڊن ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، ن ليگ کي 17 ۽ پي ٽي آءِ کي 3 سيٽون مليون، پر نتيجو تبديل ڪيو ويو، الحمدلله ن ليگ پنهنجي اڪثريت واپس حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪي چوندا هئا ته ن ليگ ڪمزور ٿي وئي ۽ ختم ٿيڻ واري آهي، کين بهترين جواب ملي ويو. جيڪڏهن ڪنهن هڪ جماعت جو مستقبل روشن آهي ته اها ن ليگ آهي.
مريم نواز چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ کٽي ته ڌانڌلي جي ڳالهه نه ڪئي، پر آزاد ڪشمير ۾ هارائڻ کانپوءِ ڌانڌلي جا الزام لڳايا. گلگت بلتستان ۾ اڪثريت نه هجڻ باوجود ن ليگ پيپلز پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني هئي.
پنجاب جي وزيراعليٰ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته 17 سالن کان جتي سندن حڪومت آهي، اتي رستا ٽٽل آهن، ماڻهو پنجاب اچن ٿا ته هتان جي ترقي جي واکاڻ ڪن ٿا.
هن چيو ته جن وٽ آزاد ڪشمير کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو.
مريم نواز جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ صدر، وزيراعظم، پوليس ۽ انتظاميا سڀ پيپلز پارٽي جي پنهنجي هئي، تنهن ڪري ڌانڌلي جا الزام ڪنهن ٻئي تي لڳائڻ کان اڳ ٿوري منطق جو خيال رکڻ گهرجي.