ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪارا شويتا تيواري ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ٿي وئي، جنهن تي مداحن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 45 ورهين جي شويتا تيواري گذريل ڪجهه ڏينهن کان طبيعت جي خرابي کي منهن ڏئي رهي هئي، بعد ۾ طبي معائني دوران کيس ڊينگي جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اداڪارا جي بيماري جي خبر سوشل ميڊيا تي سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن طرفان سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته شويتا تيواري هن وقت رئيئلٽي شو ”دي ٽريٽرز سيزن 2“ سبب پڻ خبرن ۾ آهي، هوءَ شو جي 21 اميدوارن مان هڪ آهي، جڏهن ته پروگرام جو پريميئر 13 آگسٽ تي پرائم وڊيو تي ٿيو.
شو جي پرومو دوران شويتا تيواري پنهنجي بيباڪ انداز سبب خاص ڌيان حاصل ڪيو.
ميزبان ڪرن جوهر جي سوال تي اداڪارا چيو ته هن پاڻ پنهنجي مڙسن کي دوکو ڏيندي پڪڙيو هو، جنهن کانپوءِ سندس بيان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو.