وزيراعظم جي صدر سان ملاقات،مڪي معاهدي، دهشتگردي خلاف سخت قدمن تي غور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي جنهن دوران اهم قومي معاملن تي بحث ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري سان صدر آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن، علائقائي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، سينيٽر شيري رحمان ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف صدر کي آزادي جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس مڪي ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٿيل تاريخي امن معاهدي بابت آگاهه ڪيو. صدر زرداري ٽي طرفي معاهدي جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيورانه صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پياري وطن مان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.

You might also like