پاڪستان جي هٿياربند فوجن پاران قوم کي پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي پُرمسرت موقعي تي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.
پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل، نيول چيف ۽ ايئر چيف قوم کي 79هين يومِ آزادي جون مبارڪون ڏنيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجون قائداعظم محمد علي جناح ۽ آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ سمورن ماڻهن کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي بانيان جو ويزن، حوصلو ۽ عزم اڄ به قوم لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. بانيانِ پاڪستان جو ويزن ۽ اصول قوم کي پاڪستان جي نظرئي ۽ قدرن جي پاسداري لاءِ لڳاتار اتساهيندا رهن ٿا.
آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجون شهيدن جي عظيم قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪن ٿيون، جڏهن ته غازين ۽ اڳوڻن فوجين جي خدمتن کي به سلام پيش ڪن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي خدمتن ۽ هر پاڪستاني جي قومي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا. شهيدن، غازين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ قوم جي بي لوث خدمتن پاڪستان جي ثابت قدمي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.