ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾14 آگسٽ جي مناسبت سان ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران فاءِ اسٽار چورنگي تي تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪا حقيقي آزادي ملڻ گهرجي ها، اها نه ملي. اسان کي پنهنجي گهٽين ۽ پاڙن جا اختيار نه ملي سگهيا، اڄ ته اسان کي ڪوٽا سسٽم ۾ به پنهنجو حصو نٿو ملي.
هن چيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي اسان جو ڪوٽا کائي وڃن ٿا، مائرن جي دانهن ۽ دانهون ڪنهن نه ٻڌيون. اهڙي نظام ۾ پاڪستان نٿو هلائي سگهجي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ آئيني طور تي انتظامي يونٽ ٺاهڻ لازمي ٿي ويا آهن. ايندڙ سال جڏهن ساڳئي هنڌ آزادي جو جشن ملهائينداسين ته ان وقت تائين حقيقي آزادي ملي چڪي هوندي.