ڀارت ۾ جاٿي ڪاٿي بم ڌماڪن جي ڌمڪي، سيڪيورٽي ادارن ۾ ڦڙڦوٽ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گادي واري شهر نئين دهلي ۾ دهلي هاءِ ڪورٽ، اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ٻين اهم هنڌن کي بم ڌماڪن جون ڌمڪيون مليون آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب ڌمڪي وارن اي ميلن جو عنوان ”دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ ڌماڪو، 2 لڳي 11 منٽ“ آهي. اي ميل ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن منجهند 2 لڳي 11 منٽن تي دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ بم ڌماڪو ڪيو ويندو، جنهن کان هڪ ڪلاڪ پوءِ ضلعي عدالتن کي نشانو بڻايو ويندو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اي ميل ۾ سک علحدگي پسند تحريڪ خالصتان جو نالو استعمال ڪندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته تحريڪ جا ميمبر دهلي پهچي چڪا آهن ۽ شهر کي خالصتان ۾ تبديل ڪيو ويندو. ڌمڪين ۾ دهلي جي عدالتن تي سکن خلاف ڪيس هلائڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي.

دهلي جي وڌيڪ 6 هنڌن کي پڻ ڌمڪيون مليون آهن، جن ۾ جمناگر هائوس، جھنڊي والهان عمارت، ساڪيت آفيس، ضلعي مئجسٽريٽ جو دفتر، اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ٽرمينل 3 ۽ دهلي ڪينٽ جو سب ڊويزنل مئجسٽريٽ آفيس شامل آهن.

ڀارتي ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته دهلي ميٽرو ۽ امبالا ويندڙ ٽرينن کي به نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب اطلاع ملندي ئي سمورن ڄاڻايل هنڌن تي فائر بريگيڊ جون گاڏيون روانيون ڪيون ويون. هيل تائين ڪنهن به هنڌ تان ڪا شڪي شيءِ هٿ ناهي آئي، تنهن هوندي به سيڪيورٽي ۽ تلاشي جو عمل جاري آهي.

You might also like