اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدرِ مملڪت آصف زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين يومِ آزادي جون واڌايون ڏنيون. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صدر آصف زرداري وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
آصف زرداري موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مناسب اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف صدر کي مڪي مڪرم ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل تاريخي امن معاهدي بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي صدر مملڪت ٽه ڌري امن معاهدي تي اثرائتي نموني عملدرآمد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئا.