لاهور(سجاد انور)اسٽيبلشمينٽ پ پ کي پيغام پهچايو آهي ته جيڪڏهن ان ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي،ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هن وقت جهڙي قسم جي سياست ڪري رهيو آهي،اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته ان جيڪو پلان ٺاهيو آهي،بلاول ڀٽو ان پلان کان ٻاهر نڪري رهيو آهي،طاقتور حلقن پاران ٺاهيل پلان تحت عمران خان کي جيل ۾ رکڻو آهي،پي ٽي آءِ کي ڏنڊي ۾ رکڻو آهي،جيستائين عمران خان معافي نٿو وٺي تيستائين سختين جو سلسلو جاري رهندو،ان صورتحال ۾ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته بلاول ڀٽو ڪيئن چاهيندو ته پي ٽي آءِ سان گڏجي شهبازشريف جي حڪومت کي ڪيرايو وڃي؟جڏهن ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن کانپوءِ بلاول ڀٽو موجوده حڪومت سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،جيتوڻيڪ صدرآصف علي زرداري چاهي ٿو ته مسلم ليگ ن سان گڏجي موجوده مدو پورو ڪيو وڃي پر بلاول ڀٽو اهو سمجهي ٿو ته هن ۽ هن جي پارٽي جو مستقبل ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي هلڻ ۾ محفوظ ناهي،اسٽيبلشمينٽ نون صوبن ۽ اين ايف سي ۾ ڪٽوتي جا به فيصلا ڪري چڪي آهي،بلاول اهو سمجهي ٿو ته هر مرحلي تي اسان کي انهن سان مزاحمت ڪرڻي پوندي،هو طاقتور حلقن ۽ ن ليگ سان اتحاد ۾ ڊگهي مدي جو مستقبل نه پيو ڏسي ٻيو اهو ته مسلم ليگ ن سان پ پ جو جيڪو معاهدو هو بلاول سمجهي ٿو ته اهو به ٽٽي چڪو آهي،ڇو ته مسلم ليگ ن هر جاءِ تي ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،ان ڪري پ پ مسلم ليگ ن سان پراڻي ورڪنگ رليشن تحت گڏجي هلڻ لاءِ تيار ناهي،اهي ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ کي بلڪل پسند ناهن،اسٽيبلشمينٽ جيڪو مستقبل جو خاڪو بڻايو آهي،ان کي بلاول ڀٽو ڊسٽرب ڪري رهيو آهي،اينڪر منيب فاروق پنهنجي وي لاگ ۾ به تصديق ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاران مختلف شخصيتن کي وارننگ ڏني وئي آهي،ڇو ته ملڪ هلائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ، ججن، سياستدانن، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي طئي ڪيل روڊ ميپ تحت هلڻو پوندو،رياست اهو به فيصلو ڪيو آهي ته مخالفت ۾ اٿندڙ آوازن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي؟اپوزيشن لاءِ ڪيترو اسپيس ڇڏڻو آهي،پ پ اهو سمجهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪو سوچي رهي آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پارٽي لاءِ اسپيس تمام گهٽ ٿي ويندو،جيڪڏهن صدر زرداري اڃا به مفاهمت جو سلسلو جاري رکي ٿو ته پ پ کي حاصل اسپيس تمام گهٽ هوندو،پ پ چاهي ٿي ته ان مدار مان نڪرڻ گهرجي،ذريعن موجب پ پ جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ اپوزيشن ۾ ويهي ٿي تڏهن به اسٽيبلشمينٽ شهبازشريف جي حڪومت کي بچائي ڇڏيندي ان لاءِ ڀلي پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن کي گڏائي حڪومت ۾ شامل ڪرائجي پر شهبازسرڪار ڪرڻ نه ڏني ويندي،ٻئي پاسي سياسي تجزئي نگار چئي رهيا آهن ته پ پ جيڪڏهن اتحاد مان نڪري ٿي ته هن حڪومت جي ساک اڃا به هيٺ ڪري پوندي،هن وقت صدر زرداري تي به محسن نقوي ذريعي دٻاءُ وڌي ويو آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ پنج ڏهه نين ترميمن جو پلان جوڙي رکيو آهي،انهن ترميمن تي بلاول ڀٽو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،اها ويڙهه صاف نظر اچي رهي آهي،هن وقت نه ته ايندڙ ڇهن مهينن ۾ جهيڙو وڌندي نظر اچي رهيو آهي،ڇو ته ملڪ ۾ تضاد هڪ اڌ ناهي،10 کان 15 اشوز آهن،انهن اشوز ۾ سامهون رڪاوٽ پ پ ئي آهي،ان سڄي تماشي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جا حامي اهو سوچي رهيا آهن ته مسلم ليگ ن اهو ئي ڪندي جيڪو اسٽيبلشمينٽ سوچي رهي آهي،جڏهن ته سياسي طور ته مسلم ليگ ن به فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڏسڻ ۾ نه پئي اچي،ملڪ جي موجوده حالتن تي پ پ سي اي سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي،جڏهن ته نوازشريف به پنهنجي پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو آهي،سياسي پارٽيون اهو سمجهي رهيون آهن ته انهن وٽ جيڪو بچيل اسيپس هو اهو به هاڻي ختم ڪيو پيو وڃي،جيڪي اشو ڳالهين ذريعي حل ٿي پئي سگهيا انهن تي ايترو ڊيڊلاڪ پيدا ٿيو آهي جو رياست هڪ طرح سان بيهجي وئي آهي،