حيدرآباد (رپورٽر) ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي ڪيمپ تي شاگردن امن ڀائيچاري ۽ سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي گلاب جا گل ھٿن ۾ کڻي امن ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل جا گيت ڳائي پنھنجو احتجاج جاري رکيو ، ڪالھه ڪيمپ جي 21 ڏينھن تائين جاري رھڻ کي شاگردن، شاگرد جدوجھد ھڪ نئين تاريخ سان ڀيٽا ڏني. پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ عبدالرفيق ، تعليمدان منظور احمد سومرو ، شاھ محمود چاچڙ ، عبدالحڪيم مھر ، مزدور اڳواڻ لال بخش زرداري، زرعي ماھر محمد صديق ، عبدالجبار ڀٽو ، سرائڪي اڳواڻ راشد عزيز ڀٽا، ثمر حسين ، قاصر نواز سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن ڪيمپ تي پھچي شاگردن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ذبيح الله مستوئي، فخرالزمان کونھارو ، سڪيلڌو چانڊيو، وجاھت ھڱورو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي، فرمان علي ملغاڻي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته اسان جي آواز جا پڙاڏا سڄي ملڪ ۾ گونجي رھيا آھن سنڌ حڪومت کي ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙن جا ھن اداري مان در بند ڪري انصاف جا در کولڻ گھرجن ۽ ميرٽ کي يقيني بنائڻ گھرجي. ٻئي طرف ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي جدوجھد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ صدام راڄپر ڪيمپ تي پھچي قومي گيت ڳائي سندن حوصلن کي سگھه بخشي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري جي يو آئي جي يوٿ ونگ جو جنرل سيڪريٽري انجنئير عطا ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڪيمپ تي ويٺل شاگردن سان ملاقات ڪري پنھنجي حمايت جو يقين ڏياريو .