سنڌ ۾ نيب سرگرم،صدر زرداري جي ويجهي ساٿي سميت ڪيترن جا ڪيس ٻيهر کلي ويا

لاهور/ڪراچي( امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي سميت ڪيترن ئي جوابدارن جا ڪيس، جيڪي اينٽي ڪرپشن ۾ منتقل ٿي ويا هئا، واپس نيب حوالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن،. صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي علي حسن بروهي تي ڪيترن ئي قسمن جا الزام لڳندا رهيا آهن. علي حسن بروهي بلوچستان ۾ وزير به رهيو آهي  سنڌ هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪورٽن ۾ ڪرپشن جا ڪيس احتساب عدالتن کي منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو  هو. انهن ۾ 15 مختلف ريفرنسز آهن جنهن ۾ هڪ ايراضيءَ جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن ڪيسن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو صوبائي وزير علي حسن بروهي به نامزد آهي. اڳوڻي چيف سيڪريٽري ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن ميمبر صديق ميمڻ، انهن کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اڳوڻو ڊي سي قاضي جان محمد، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو اعجاز حسين انهن کي به طلب ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ ريونيو عبدالقادر ميمڻ، اڳوڻو سيڪشن آفيسر غلام مصطفيٰ، ان کان علاوه ٽريزري آفيسر محمد موسيٰ ڪاظم، اسسٽنٽ ٽريزري آفيسر عبداللطيف کوسي، ميرپور ساڪرو جي تپيدار   نثار احمد وڳڻ ۽ علي اصغر مينڌرو، اڳوڻي مختيارڪار اقبال اعواڻ، ملير جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر قاضي جان محمد ۽ محمد حنيف انهن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت بلڊر جاويد اقبال ۽ وسيم احمد شيخ سميت ڪيترن ئي  روينيو آفيسرن کي به طلب ڪيو آهي.علي حسن بروهي تي ڪيترائي ڪيس آهن 2010-11 ۾ هن تي زمين تي قبضي جو هڪ الزام هو. اڳوڻي ڊي سي ويسٽ شاهجهان سولنگي پهرين الزام لڳايو، پوءِ اشتهار هڻائي معذرت ڪئي هئي ته "غلطي ٿي وئي آهي، 3 هزار ايڪڙ زمين ناهي.” پر اصل ڪيس 6 ايڪڙ زمين جو آهي. اهو معاملو 2008 کان هلي رهيو آهي، اها ڪراچي جي اسڪيم 33 جي زمين آهي جنهن بابت چيو ويو ته علي حسن بروهي غير قانوني طور الاٽ ڪرائي،بروهي تي  56 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي،. بعد ۾ اها زمين سرڪار جي قبضي ۾ هلي وئي، ان بنياد تي علي حسن بروهي جي ضمانت ٿي وئي. پوءِ ڪجهه تبديليون آيون ته ڪيس اينٽي ڪرپشن حوالي ٿي ويا هاڻي اهي واپس نيب حوالي ٿي ويا آهن.ان جا ڪيترائي پهلو ٿي سگهن ٿا. هڪ ته ظاهر آهي عدالتي حڪم آهي، ان تي ڪنهن قسم جو شڪ ناهي. پر ڪجهه ڏينهن کان اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ڪجهه فائلون ٺهي رهيون آهن ۽ اهي فائلون کلي سگهن ٿيون،اينڪر منصور علي خان پنهنجي وي لاگ ۾ ڳالهه ڪئي هئي ته سياستدانن کي 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، نوان صوبا نه ٺاهيا ويندا ته پوءِ ٻئي طريقي سان ٺهرايا ويندا.سينيٽر فيصل واوڊا به بار بار اهو دعويٰ ڪندو رهيو ته سڀني جون فائلون تيار آهن ۽ جيڪي به ڪرپشن ڪري رهيا آهن، اهي سڀ جيلن ۾ هوندا.هاڻي ان کي سمجهڻ گھرجي ته ڇا نيب سنڌ ۾ متحرڪ ٿي ويو آهي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا؟ يا اها ٽوٽل هڪ قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي آهي جنهن ذريعي سڀ معاملا هلي رهيا آهن؟ پيپلز پارٽي بهرحال ان خدشي جو شڪار آهي ته انهن خلاف ڪيس ٻيهر کولي سگهجن ٿا يا تيز ڪري سگهجن ٿا،بي آر ٽي ييلو لائن ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي ڪرپشن تي گرفتار پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي واري ڪيس جي جاچ به نيب کي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like