سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۾ 4 لک، هاءِ ڪورٽ ججن جي پگهارن ۾ هڪ لک 10 هزار رپيا واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري حڪومت جي اعليٰ عدليه جي ججن جي پگهارن ۽ ٻين الائونسز ۾ واڌ واري سمري منظور ڪري ورتي آهي.
صدر جي منظوري کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي آئيني عدالت جي ججن برابر ڪيون ويون آهن. حڪومتي سمري موجب، پگهارن ۾ واڌ ڊسمبر 2025ع کان لاڳو ٿيندي ۽ ججن کي ان عرصي جون رهتون به ادا ڪيون وينديون.
سمري موجب، سپريم ڪورٽ جي ججن جي بنيادي پگهار ۾ لڳ ڀڳ 4 لک رپيا ماهوار واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سندن بنيادي پگهار 11 لک رپين مان وڌي 15 لک رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک 50 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي ججن جي جڊيشل الائونس ۾ به 3 لک 39 هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو الائونس 11 لک 61 هزار 163 رپين مان وڌي 15 لک رپيا ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ ججن جي ميڊيڪل الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي کين هن مد ۾ ماهوار هڪ لک 50 هزار رپيا ملندا.
صدر هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۾ به واڌ جي منظوري ڏني آهي.
سمري موجب، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بنيادي پگهار ۾ هڪ لک 10 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سندن بنيادي پگهار 10 لک 95 هزار رپين مان وڌي 12 لک 5 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار پگهار 12 لک 54 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
سمري ۾ هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن لاءِ هڪ نئين سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي.
ان تحت جيڪو جج گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور خدمتون انجام ڏئي چڪو هجي، ان کي رٽائرمينٽ يا سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ جي صورت ۾ سرڪاري گاڏي رعايتي قيمت تي خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.

 

You might also like