سڊني/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي باسمتي چانورن جي برآمدي حقن بابت اهم قانوني ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آسٽريليا جي وفاقي عدالت ڀارتي اداري ايگريڪلچرل اينڊ پروسيسڊ فوڊ پراڊڪٽس ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي (اَي پِي ڊِي اِي اَي) جي باسمتي بابت ٽريڊ مارڪ اپيل رد ڪري ڇڏي.
آسٽريليا جي وفاقي عدالت ڀارتي اداري اپيڊا کي مخالف ڌر جا قانوني خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
وفاقي عدالت کي ٽريڊ مارڪ رجسٽرار جي فيصلن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي جو اختيار حاصل آهي.
پاڪستان جي واپار واري وزارت عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آسٽريلوي عدالت جو فيصلو باسمتي جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي ۽ مستقل موقف جي تائيد ڪري ٿو.
واپار واري وزارت موجب، ڀارتي اداري اپيڊا آسٽريليا ۾ باسمتي کي سرٽيفڪيشن ٽريڊ مارڪ طور رجسٽر ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن کي آسٽريلوي رجسٽرار آف ٽريڊ مارڪس 22 ڊسمبر 2022ع تي رد ڪري ڇڏيو هو.
رجسٽرار جي فيصلي خلاف اپيڊا آسٽريليا جي وفاقي عدالت سان رابطو ڪيو، پر وفاقي عدالت به ڀارتي اداري جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
آسٽريلوي رجسٽرار آف ٽريڊ مارڪس پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته ”باسمتي“ اهڙو لفظ ناهي، جنهن ذريعي رڳو اپيڊا کان تصديق ٿيل چانورن کي ٻين ملڪن ۾ قانوني طور پيدا ۽ وڪرو ٿيندڙ باسمتي چانورن کان الڳ ڪري سگهجي.
پاڪستان جي واپار واري وزارت موجب، رجسٽرار جي شروعاتي فيصلي ۾ واضح طور تسليم ڪيو ويو هو ته باسمتي چانور جي پيدوار پاڪستان ۾ به ٿئي ٿي ۽ پاڪستاني واپارين کي باسمتي جو نالو استعمال ڪرڻ جو برابر ۽ جائز حق حاصل آهي.
وفاقي عدالت طرفان اپيڊا جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ اهو موقف برقرار رهيو آهي.
پاڪستان مسلسل موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته باسمتي هڪ اهڙي جاگرافيائي سڃاڻپ آهي، جيڪا تاريخي طور پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪجهه علائقن تي ٻڌل خطي سان واڳيل آهي، تنهن ڪري ڪنهن هڪ ملڪ يا اداري کي ان نالي تي مڪمل اجارو نه ٿو ڏئي سگهجي.
You might also like