”پاڪستان جي هر چوڪ کي ڊي چوڪ بڻائي ڇڏيو“ سهيل آفريدي جو پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پيغام

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سمورا اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي اڳواڻ اڄ رات جي تياري ڪن، رات 10 وڳي سڄي پاڪستان جي هر چوڪ کي ڊي چوڪ بڻايو ويندو.
اڊيالا روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو رات 10 وڳي پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي چوڪن ۽ رستن تي نڪري اچن.
سهيل آفريدي سادي لباس ۾ موجود هڪ شخص جي موجودگي تي سوال ڪندي پڇيو ته اوهان به ايس ايڇ او آهيو ۽ هي به؟ ان کانپوءِ سادي لباس ۾ موجود همراهه کان پڇيو ته ”اوهان بريگيڊيئر آهيو، ڪرنل آهيو يا ميجر آهيو؟“ ان تي ان شخص جواب ڏنو ته ”مان صحافي آهيان.“
خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پارٽي باني عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا روڊ پهتو هو، جتي پوليس رنڊڪون هٽائي ڇڏيون.
صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته عمران خان سان ملاقات جو وقت جيستائين هو انتظار ڪندا، جڏهن ته سمورن ايم پي ايز، پارليامينٽرينز ۽ پارٽي عهديدارن کي رات 10 وڳي جي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سهيل آفريدي چيو ته 2022ع کان عمران خان ۽ سندس جماعت سان جيڪو رويو رکيو ويو آهي، اهو غلط آهي.
سندس چوڻ هو ته هوڏ ۽ انا سبب سڄي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ نظام تباهه ٿي چڪو آهي.
هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو ڌيان 27 سيپٽمبر واري مارچ تي رکن.
سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته 27 سيپٽمبر جي ڪال حڪومت لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي چڪي آهي ۽ خيبر ۾ عوام جو وڏو انگ نڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ به مهم هلائي ويندي.
سندس چوڻ هو ته 27 سيپٽمبر تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ان کان به وڌيڪ ماڻهو آندا ويندا.
هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ 28 سيپٽمبر کان اڳ عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٻين سياسي جماعتن کي ملڪ سان مخلص هجڻ گهرجي، جڏهن ته حڪومتي وزيرن طرفان به نظام جي ناڪامي بابت بيان ڏنا پيا وڃن.

You might also like