ايف پي ايس سي جنرل رڪروٽمينٽ اميدوارن لاءِ اهم نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جنرل رڪروٽمينٽ جي اميدوارن سان رابطن جي طريقيڪار ۾ سڌارا آڻي ڇڏيا.
ايف پي ايس سي طرفان جنرل رڪروٽمينٽ جي اميدوارن لاءِ جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس موجب، اميدوارن کي اهم ڄاڻ ويب نوٽيس، اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي فراهم ڪئي ويندي.
دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ۽ انٽرويو بابت اطلاع به ويب نوٽيس، اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي ڏنو ويندو.
درخواست رد ٿيڻ جو ڪارڻ، نمائندگي يا ريويو پٽيشن رد ٿيڻ بابت اطلاع پڻ ويب نوٽيس، اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي اميدوارن کي ڏنو ويندو.
ايف پي ايس سي موجب، حتمي چونڊ بابت اطلاع به ساڳئي طريقي سان ڏنو ويندو، جڏهن ته مقرري لاءِ سفارش ڪيل اميدوارن کي ٽپال ذريعي پڻ اطلاع ڏنو ويندو.

 

You might also like