اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سي ايس ايس 2026 جي امتحاني شيٽن گم ٿيڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽ کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ايف پي ايس سي موجب، سي ايس ايس 2026 جي امتحاني شيٽن گم ٿيڻ وارو الزام حقيقتن جي ابتڙ آهي، جڏهن ته سيڪريسي ونگ ۽ ايگزام سيل ۾ بي ضابطگين بابت دعوائون پڻ غلط آهن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته امتحاني شيٽن جي وصولي ۽ حفاظت لاءِ مڪمل نظام موجود آهي ۽ هر مرحلي تي امتحاني شيٽن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو ويندو آهي.
بيان موجب، امتحاني شيٽن جي گم ٿيڻ، شڪايت يا ڪنهن به بي ضابطگي جو ڪو رڪارڊ موجود ناهي.
ايف پي ايس سي موجب، ڪنهن اڪيڊمي يا ٽئين ڌر جي مداخلت جو ڪو امڪان ناهي، رول نمبر پلان ۽ سيٽن جي ورڇ پاڻمرادي طريقي سان ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته امتحاني عمل جي هر مرحلي تي ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو آهي.
ايف پي ايس سي اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته امتحانن بابت ڄاڻ رڳو سرڪاري ذريعن وٽان حاصل ڪن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ادارو غلط ڄاڻ پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.