دبئي/ڪراچي(عوامي آواز نيوز) بحريا ٽائون جي باني ملڪ رياض حسين پاڪستان ۾ پنهنجي جائدادن جي مسلسل ضبطگيءَ ۽ نيلاميءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن. گذريل ڪجهه سالن کان دبئيءَ ۾ ترسيل ۽ مختلف قانوني مشڪلاتن ۾ گھريل ملڪ رياض حسين هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ شخصيتن کان سڌي ريت مدد جي اپيل ڪئي آهي.ملڪ رياض اپيل ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته بحريا ٽائون جا اربين رپين جا اثاثا منجمد ڪرڻ ۽ قبضي ۾ وٺڻ کان پوءِ، ڪنهن به قانوني ڪارروائيءَ کان سواءِ نيلام ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف، سندس خلاف جاري احتسابي ۽ عدالتي ڪاررواين جي ڪري سندس پاڪستان واپسي به هڪ وڏو سوال بڻجي چڪي آهي.ملڪ رياض موجب، بحريا ٽائون جي تقريبن 238 ارب رپين جي مارڪيٽ قيمت وارا اثاثا ئي نيلام ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته موجوده صورتحال جي نتيجي ۾ تقريبن 372 ارب روپين جون ترقياتي رٿائون به تعطل جو شڪار آهن، جنهن جا اثر صرف بحريا ٽائون جي مالڪن تائين محدود ناهن، پر سيڙپڪارن، خريدارن، ملازمن، ٺيڪيدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاروباري طبقن تي به ان جا سخت ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.ملڪ رياض موقف اختيار ڪيو آهي ته بحريا ٽائون جي ڪيترن ئي اثاثن بابت معاملا عدالتن ۽ لاڳاپيل قانوني فورمن تي ٻڌڻيءَ هيٺ آهن. ان جي باوجود سندس جائدادن ۽ اثاثن خلاف ڪارروايون جاري آهن. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ملڪيت ۽ قبضي جا معاملا عدالتن ۾ پينڊنگ آهن ته پوءِ انهن اثاثن کي وڪڻڻ يا نيلام ڪرڻ واري عمل جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟بحريا ٽائون جي باني اهو به الزام هنيو ته ڪجهه اثاثا اصل مارڪيٽ قيمت جي مقابلي ۾ تمام گھٽ قيمت تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ موجب، جيڪڏهن اثاثن جي وڪرو شفاف قانوني طريقي ۽ مارڪيٽ ۽ مارڪيٽ ويليو بدران دٻاءُ يا جبري قدمن ذريعي ڪئي وئي ته ان سان هڪ وڏي ڪاروباري اداري سان گڏوگڏ عام سيڙپڪارن ۽ خريدارن جا مفاد به متاثر ٿيندا.ملڪ رياض پنهنجي اپيل ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سنگين خطرا ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ جو معاملو به اٿاريو آهي. ملڪ رياض جي اها اپيل اهڙي وقت سامھون آئي آهي جڏهن هو گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان کان ٻاهر (خاص طور دبئيءَ ۾) ترسيل آهي. نيب جنوري 2025ع ۾ هڪ سرڪاري بيان ۾ چيو هو ته ملڪ رياض دبئيءَ ۾ موجود آهي، کيس اين سي اي ڪيس ۾ عدالتي مفرور قرار ڏنو ويو آهي ۽ سندس خلاف مختلف جاچون جاري آهن..اپريل 2026ع ۾ چيئرمين نيب دعويٰ ڪئي هئي ته انٽرپول ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف ‘ريڊ نوٽيس’ جاري ڪري ڇڏيو آهي نيب مسلسل اهو موقف اختيار ڪري رهيو آهي ته ملڪ رياض کي پاڪستان آڻي عدالتن سامھون پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته ملڪ رياض پنهنجي تحفظات ۽ ادارن جي ڪاررواين تي سوال اٿاري رهيو آهي.