صوبائي فنانس ڪميشن قائم ڪري بجيٽ ضلعن کي منتقل ڪرڻ گهرجي:اياز پليجو

حيدرآباد(عوامي آواز نيوز)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت بلدياتي نظام تي سڀني جو اتفاق راءِ آهي،پاڪستان جي چئني صوبن جا ماڻهو هم سفر آهن،رويو به افهام تفهيم جو هئڻ گهرجي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته صوبي جي بجيٽ جو حصو ضلعن کي منتقل ٿيڻ گهرجي،ڪراچي انتظامي يونٽ نه بلڪه سنڌ جي راڄڌاني آهي،صوبن ۾ به فنانس ڪميشن هئڻ گهرجي ته جيئن هر ضلعي کي فنڊ ملن،هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ 34 صوبا،نائجيريا ۾ 36،صوماليه ۾ 18،سوڊان ۾ 18 صوبا آهن ڇا وڌيڪ صوبا هئڻ سان ترقي ڪنفرم ٿيندي آهي؟موجوده حالتن ۾ اهڙي نڪته نظر کي ڇو هٿي ڏني وڃي جنهن سان ٽڪراءُ پيدا ٿئي؟هن چيو ته ماضي ۾ ايوب خان ۽ يحيٰ خان ون يونٽ آندو پوءِ ختم به ڪري ڇڏي،بي ڊي سسٽم به آيو اهو به ختم ڪيو ويو،ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان به انهن ئي ٺاهيو هو،هن چيو ته ڪراچي کان گوادر تائين صنتون لڳڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي،ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ گهرجي ان لاءِ گورننس بهتر بڻايو،ڪرپشن ختم ڪريو،ميرٽ جو نظام آڻيو،ماڻهن کي سندن حق ڏيو،هن چيو ته چار صوبا نه پيا سنڀالجي سگهجن،20 يا 25 صوبا بڻائي ڇڏيو ته ٿي سگهي ته  اهو به چيو وڃي ته 5 تي رٽ ناهي

You might also like