جيڪڏهن اوهان پوڙهائپ ۾ سنگين دماغي بيماري کان پاڻ کي محفوظ رکڻ چاهيو ٿا ته وچين عمر ۾ 3 شين جو خاص خيال رکڻ يقيني بڻايو.
حقيقت ۾ 45 کان 65 سالن جي عمر دوران ٽن شين جو خيال رکڻ سان ڊيمينشيا جهڙي دماغي ڪمزوري واري بيماري کان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين پاڻ کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
نيويارڪ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ 12 هزار کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو، جيڪي 55 سالن جي عمر ۾ ڊيمينشيا کان محفوظ هئا.
تحقيق دوران ڊيمينشيا جو خطرو وڌائڻ وارن ٽن اهم عنصرن، هاءِ بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ سگريٽ ڇڪڻ جو جائزو ورتو ويو.
ان کان پوءِ انهن ماڻهن جي صحت جو اوسطاً 26 سالن تائين جائزو ورتو ويو.
ان عرصي دوران 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊيمينشيا ۾ مبتلا ٿيا، جڏهن ته 5,200 ماڻهو فوت ٿي ويا، پر اهي ان بيماري جو شڪار نه ٿيا هئا.
تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته خطرو وڌائڻ وارن ٽنهي عنصرن کان محفوظ ماڻهن ۾ ڊيمينشيا جي تشخيص انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 13 سال دير سان ٿي، جن ۾ اهي ٽئي عنصر موجود هئا.
يعني سگريٽ ڇڪڻ کان پري رهندڙ ۽ ذيابيطس يا هاءِ بلڊ پريشر کان محفوظ ماڻهو ايندڙ 30 سالن تائين ڊيمينشيا کانسواءِ زندگي گذاريندا رهيا.
تحقيق موجب، جن ماڻهن ۾ انهن ٽن عنصرن مان ڪو هڪ عنصر موجود هو، اهي 26.3 سالن تائين ڊيمينشيا کان محفوظ رهيا.
جن ماڻهن کي خطري وارن ٻن عنصرن کي منهن ڏيڻو پيو، انهن ۾ 21 سالن تائين ڊيمينشيا جي تشخيص نه ٿي، جڏهن ته ٽنهي عنصرن جو شڪار ماڻهن ۾ 17 سالن اندر هن بيماري جي تشخيص ٿي وئي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهن کي وچين عمر ۾ انهن ٽنهي عنصرن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ته جيئن گهڻي عرصي تائين پنهنجي دماغي صحت کي محفوظ رکي سگهجي.
تحقيق ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ عرصي تائين ڊيمينشيا کان پاڪ زندگي گذارين ٿيون، ڀلي اهي خطري وارن عنصرن مان ڪيترا ئي عنصرن کي منهن ڏئي رهيون هجن.