کاڌو کائڻ کان پوءِ ڪجهه دير پنڌ ڪرڻ اوهان کي ڪيترين ئي موتمار بيمارين کان بچائي سگهي ٿو.
اها ڳالهه هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
آئرلينڊ جي ليِمرڪ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کاڌو کائڻ کان پوءِ هلڪو پنڌ ڪرڻ، ڀلي اهو رڳو 2 کان 5 منٽن لاءِ ئي ڇو نه هجي، رت ۾ شگر ۽ انسولين جي سطح گهٽ ڪري ٿو.
ان سان ٽائپ 2 ذيابيطس ۽ دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي ٿو.
جيڪڏهن اوهان کي خبر نه هجي ته ڄاڻي ڇڏيو ته کاڌو کائڻ کان پوءِ رت ۾ شگر جي سطح وڌي وڃي ٿي، جڏهن ته انسولين اهو هارمون آهي، جيڪو رت ۾ شگر کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
محققن ٻڌايو ته بيهڻ ۽ پنڌ ڪرڻ سان عضون ۾ ڇڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪي ان دوران گلوڪوز کي توانائي طور استعمال ڪن ٿا ۽ رت ۾ شگر جي سطح گهٽجي وڃي ٿي.
هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن گلوڪوز جي سطح وڌ ۾ وڌ ٿيڻ کان اڳ جسماني سرگرمي کي معمول بڻايو وڃي ته صحت لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
کاڌو کائڻ کان 60 کان 90 منٽن پوءِ گلوڪوز جي سطح پنهنجي بلند ترين حد تي پهچي ٿي.
تحقيق دوران 7 تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو، ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته بيهڻ يا هلڪو پنڌ ڪرڻ جسم لاءِ ڪيترو فائديمند آهي.
5 تحقيقي رپورٽن ۾ شامل ماڻهن کي ٽائپ 2 ذيابيطس يا رت ۾ شگر وڌڻ جو مسئلو نه هو، جڏهن ته باقي 2 رپورٽن ۾ ذيابيطس جي مريضن ۽ صحتمند ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
انهن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته سڄي ڏينهن دوران هر 20 کان 30 منٽن کان پوءِ 2 کان 5 منٽن لاءِ بيهن يا پنڌ ڪن.
نتيجن مان خبر پئي آهي ته کاڌو کائڻ کان پوءِ بيهڻ، ويٺل رهڻ کان بهتر آهي، جڏهن ته ڪجهه دير پنڌ ڪرڻ سان صحت کي وڌيڪ فائدو پهچي ٿو.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته کاڌو کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ بيهڻ سان رت ۾ شگر جي سطح بهتر ٿئي ٿي، پر انسولين تي ڪو خاص اثر نٿو پوي، جڏهن ته پنڌ ڪرڻ سان رت ۾ شگر ۽ انسولين ٻنهي جي سطح گهٽجي ٿي.
محققن چيو ته کاڌو کائڻ کان پوءِ 60 کان 90 منٽن اندر پنڌ ڪرڻ، گهر جا ڪم ڪرڻ يا ڪنهن به طريقي سان جسم کي حرڪت ۾ رکڻ صحت لاءِ بهترين نتيجا ڏئي ٿو.
هن تحقيق جا نتيجا تحقيقي جرنل اسپورٽس ميڊيسن ۾ ڇپيا آهن.