سگريٽ نه ڇِڪيندڙن کي ڪينسر ڇو ٿي ٿئي؟ اهم ۽ سادو سبب دريافت!

ڦڦڙن جي ڪينسر دنيا ۾ ڪينسر جو سڀ کان وڌيڪ عام قسم آهي ۽ عام طور تي سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهن ۾ ان جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي.

پر گذريل ڪجهه سالن دوران اهڙن ماڻهن ۾ به ڦڦڙن جي ڪينسر جي سڃاڻپ وڌي آهي، جيڪي سڄي زندگي سگريٽ ڇڪڻ کان پري رهيا آهن.

پر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جو جواب هڪ نئين طبي تحقيق ۾ ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته سڄي زندگي سگريٽ ڇڪڻ کان پري رهندڙ ماڻهن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر سبب ٿيندڙ موت دنيا ۾ ڪينسر سبب ٿيندڙ موتن ۾ پنجين نمبر تي آهي.

تحقيق موجب، سگريٽ ڇڪڻ واري عادت کان پري رهندڙ ماڻهن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ جو هڪ اهم سبب هوائي گدلاڻ آهي.

آمريڪا جي ايموري يونيورسٽي جي رولنز اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو ته اڳ ئي ڪافي حد تائين معلوم ٿي چڪو آهي ته هوائي گدلاڻ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو وڌائڻ وارو اهم ماحولياتي عنصر آهي، پر ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل موجود نه هئا ته هوائي گدلاڻ سبب جسم اندر اهڙو ڇا ٿئي ٿو، جيڪو هن موذي مرض جو سبب بڻجي ٿو.

هن تحقيق دوران ڪينسر کان محفوظ 1,357 ماڻهن جي رت جي نمونن جو تجزيو ڪيو ويو ۽ انهن ۾ ننڍڙا ڪيميائي مرڪب، جن کي ميٽابولائٽس چيو وڃي ٿو، دريافت ڪيا ويا، جيڪي هوائي گدلاڻ سان لاڳاپيل هئا.

انهن مرڪبن سبب جسم ۾ سوڄ، آڪسائيڊيٽو دٻاءُ، زهريلي مادن جي خارج ٿيڻ ۽ توانائي جي ميٽابولزم جهڙا عمل متاثر ٿين ٿا، جنهن سان ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

محققن ٻڌايو ته هوائي گدلاڻ ۽ ڦڦڙن جي وچ ۾ مضبوط تعلق موجود آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ جيڪي سڄي زندگي سگريٽ ڇڪڻ واري عادت کان پري رهيا آهن.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هينئر تائين ان جي پويان موجود حياتياتي عملن کي مڪمل طور سمجهي نه سگهيا هئاسين، پر هن تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڪينسر جي سڃاڻپ ٿيڻ کان ڪيترائي سال اڳ ئي جسم اندر تبديليون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون.

محققن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ سگريٽ ڇڪڻ جي اڃا تائين ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو وڌائڻ وارو وڏو عنصر آهي، پر هاڻي سگريٽ ڇڪڻ کان پري رهندڙ ماڻهن ۾ پڻ ڦڦڙن جي ڪينسر جا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن.

محققن موجب، اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ڪهڙا عنصر هن خطري ۾ واڌ ڪن ٿا، جن ۾ هوائي گدلاڻ پڻ شامل آهي.

هن تحقيق جا نتيجا تحقيقي جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيا آهن.

دنيا ۾ 2022ع دوران گڏيل طور 25 لک ماڻهن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي ۽ اهو ڪينسر جو سڀ کان وڌيڪ عام قسم آهي.

ان کان اڳ جنوري 2025ع ۾ ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ پلاسٽڪ جي انتهائي ننڍڙن ذرڙن کي ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر سان ڳنڍيو ويو هو.

ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ماضي ۾ ڪيل 3 هزار تحقيقي مطالعي جي نتيجن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو.

تحقيق موجب، هوا ۾ موجود پلاسٽڪ جا انتهائي ننڍڙا ذرڙا بي اولادي (مرداڻي ڪمزوري)آنڊن جي ڪينسر، ڦڦڙن جي خراب ڪارڪردگي ۽ سوڄ جهڙن طبي مسئلن جو خطرو وڌائين ٿا.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهي ننڍڙا ذرڙا ڦڦڙن جي بافتن جي گهراين تائين پهچي وڃن ٿا ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جنهن سان ڊي اين اي کي نقصان پهچي ٿو ۽ خلين ۾ تبديليون اچن ٿيون.

اهي ٻئي عنصر ڪينسر پيدا ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

محققن ٻڌايو ته جڏهن اهي ذرڙا ساهه کڻڻ دوران جسم اندر پهچن ٿا ته ڦڦڙن جي بافتن جي گهراين ۾ وڃي جمع ٿي وڃن ٿا، جتي اهي دائمي سوزش ۽ آڪسائيڊيٽو دٻاءَ جو سبب بڻجن ٿا.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ان جي نتيجي ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

You might also like