لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ ٽيسٽ ڪپتان جي حيثيت ۾ واپسي ڪندڙ انگلش ڪرڪيٽر جو روٽ ٽيم تي مڙهيل اڌ رات واري ڪرفيو ختم ڪرائي ڇڏيو.
آگسٽ 2026ع ۾ ٻيهر انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتاني سنڀاليندڙ جو روٽ چيو آهي ته ائين ڪم نه هلندو، رانديگرن کي ميدان کان ٻاهر به ذميواريءَ سان فيصلا ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.
اسڪاءِ ڪرڪيٽ پوڊڪاسٽ سان ڳالهائيندي جو روٽ چيو ته،ٽيم تي هاڻي ڪو به ڪرفيو لاڳو نه هوندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن رانديگرن کان ميدان اندر ذميواريءَ جي اميد ڪئي وڃي ٿي ته انهن کي ميدان کان ٻاهر به بالغن وانگر مضبوط ۽ درست فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي.
روٽ چيو ته رانديگرن کي خبر آهي ته انگلينڊ لاءِ کيڏڻ جو مطلب ڇا آهي ۽ انهن جون ميدان کان ٻاهر به ذميواريون آهن.
ٻئي پاسي انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) پڻ اربع ڏينهن تصديق ڪئي ته ڪرفيو ختم ڪيو ويو آهي.
بورڊ موجب، اها تبديلي رڳو ٽيسٽ ٽيم تائين محدود نه هوندي، پر انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيمن تي پڻ لاڳو ٿيندي.
ياد رهي ته ڪرفيو ان وقت لاڳو ڪيو ويو هو، جڏهن انگلينڊ جي ٽيم سان لاڳاپيل ڪجهه واقعن کانپوءِ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت خدشا پيدا ٿيا هئا.