چين ۾ ”بلٽ ٽرين“ جو رڳو 5 سيڪنڊن ۾ 8 سئو ڪلوميٽر جي رفتار جو حيران ڪندڙ رڪارڊ

چين جي سائنسدانن ميگليو ٽيڪنالاجي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل عبور ڪندي تجرباتي ٽرين کي رڳو 5.3 سيڪنڊن ۾ زيرو کان 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچائي ڇڏيو.

هوبي صوبي جي ڊونگهو ليبارٽري ۾ ڪيل تجربي دوران لڳ ڀڳ 1.1 ٽن وزني ماڊل ٽرين هڪ ڪلوميٽر ڊگهي ٽيسٽ ٽريڪ تي 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار حاصل ڪئي.

چيني اختيارين موجب، اهو مختصر فاصلي تي تيز ترين رفتار حاصل ڪرڻ جو ميگليو ٽيڪنالاجي ۾ نئون عالمي رڪارڊ آهي.

ميگليو ٽرينون مقناطيسي قوت جي مدد سان ٽريڪ کان ٿورو مٿي رهنديون آهن، جنهن سبب ڦيٿن ۽ ريل جي وچ ۾ رگڙ ختم ٿي ويندي آهي. ٽريڪ ۾ لڳل برقي مقناطيسي نظام مقناطيسي لهرون پيدا ڪري ٽرين کي انتهائي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائيندو آهي.

تجربي جي خاص ڳالهه رڳو رڪارڊ رفتار حاصل ڪرڻ نه، پر ٽرين کي محفوظ نموني ۽ مڪمل ضابطي هيٺ روڪڻ پڻ هئي.

800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٽرين تقريباً 200 ميٽرن جي فاصلي ۾ آهستي آهستي رفتار گهٽائيندي سڌي انداز ۾ بيهجي وئي.

ڊونگهو ليبارٽري ان کان اڳ به ميگليو ٽيڪنالاجي ۾ رڪارڊ قائم ڪري چڪي آهي. جون 2025ع ۾ ساڳئي پليٽ فارم تي 650 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ جولاءِ ۾ 700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار جا تجربا ڪيا ويا هئا.

ماهرن موجب، اهي تجربا مستقبل ۾ انتهائي تيز رفتار زميني آمدورفت سان گڏ جديد ٽرانسپورٽ جي ٻين ٽيڪنالاجين جي ترقي لاءِ پڻ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا.

تنهن هوندي به، 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي اها رفتار هن وقت ڪمرشل مسافر ٽرين جي رفتار نه، پر تجرباتي آزمائش جو نتيجو آهي.

You might also like