سائي ساڙهي ۽ سون، ”ڌَڪ ڌَڪ گرل“ جي 24 سالن کانپوءِ اسڪرين تي واپسي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ 24 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ ٽيليويزن تي ميزبان طور واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اداڪارا هاڻي مشهور سوالن جوابن واري پروگرام ڪون بنيگا ڪروڙ پتي جي مراٺي ورزن ڪون هونار ڪروڙ پتي جي ميزباني ڪندي نظر ايندي، جنهن جو پهريون پرومو پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

ماڌوري ڊڪشٽ شو جي پهرين پرومو ۾ روايتي مهاراشٽرين انداز اختيار ڪيو آهي. سائي ۽ سونهري ساڙهي پهريل اداڪارا روايتي سونهري زيورن ۽ مهاراشٽرين انداز جي نٿ سان انتهائي دلڪش نظر اچي رهي آهي.

پرومو ۾ ماڌوري مراٺي ٻوليءَ ۾ شو جو تعارف ڪرائيندي چوي ٿي ته جيڪو اڳ ڪڏهن نه ٿيو، هاڻي ٿيڻ وارو آهي. مهاراشٽر جي گهرن ۾ ڳالهه ٻولهه جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيندو، ڇو ته هاڻي راند بدلجڻ واري آهي. ان سان گڏ هوءَ ناظرين کي ڪون هونار ڪروڙ پتي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چوي ٿي ته شو جلد پيش ڪيو ويندو.

ماڌوري انسٽاگرام تي پڻ پرومو شيئر ڪندي پنهنجي نئين ذميواري بابت خوشي جو اظهار ڪيو. اداڪارا لکيو ته ڪون هونار ڪروڙ پتي جي ميزبان طور هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي هڪ خاص نئين باب ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ هن سفر جي شروعات لاءِ انتهائي پرجوش آهي.

هن چيو ته هي سوالن جوابن وارو پروگرام علم، خوابن ۽ امڪانن جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ هوءَ اهو سفر ناظرين سان گڏ شروع ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. ماڌوري ان کي نئين شروعات، نئين توانائي ۽ اهڙي راند جي شروعات قرار ڏنو، جيڪا هاڻي تبديل ٿيڻ واري آهي.

ماڌوري ڊڪشٽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ کان سواءِ مختلف ڊانس ريئلٽي شوز ۾ جج طور پڻ ذميواريون نڀائي چڪي آهي، پر ڪون هونار ڪروڙ پتي ذريعي 24 سالن کانپوءِ ٽيليويزن تي سندس ميزبان طور واپسي ٿيندي.

ڪون هونار ڪروڙ پتي پهريون ڀيرو 2013ع ۾ شروع ٿيو هو. ان کان اڳ سچن کيڊيڪر، سواپنل جوشي ۽ ناگراج منجولي سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن هن پروگرام جي ميزباني ڪئي آهي. هاڻي ماڌوري ڊڪشٽ ميزبان جي سيٽ سنڀاليندي ۽ پروگرام جي مشهور سوالن جوابن واري انداز ۾ پنهنجي منفرد شخصيت ۽ انداز شامل ڪندي.

پروگرام دوران ماڌوري اميدوارن سان ڳالهائيندي، سندن ذاتي زندگي ۽ جدوجهد جون ڪهاڻيون ٻڌندي ۽ ڏکين سوالن جا جواب ڏيندي سندن همت وڌائيندي.

پروگرام جو مقصد رڳو سوالن جوابن تائين محدود نه هوندو، پر علم ذريعي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ، غيرمعمولي ڪهاڻين کي سامهون آڻڻ ۽ وڏا خواب ڏسڻ جي همت پيدا ڪرڻ پڻ هوندو.

ڪون هونار ڪروڙ پتي سوني مراٺي تي نشر ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏسندڙ ان کي سوني لِو تي آن لائين پڻ ڏسي سگهندا. تنهن هوندي به پروگرام جي پهرين باقاعده قسط هلڻ جي تاريخ جو اعلان اڃا تائين ناهي ڪيو ويو.

You might also like