ممبئي(ويب ڊيسڪ)مشهور ڀارتي گلوڪار سونو نگم اسپتال ۾ سرجري دوران به موسيقي سان پنهنجو ناتو قائم رکيو ۽ آپريشن وقت ڊاڪٽرن لاءِ گيت ڳائي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. ان دلچسپ لمحي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون اچڻ شرط تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي.
سونو نگم پاران انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ کيس آپريشن ٿيٽر ۾ اسپتال جي بستري تي ليٽيل ڏسي سگهجي ٿو، جتي طبي عملو سندس سرجري ۾ مصروف آهي. ان دوران گلوڪار سُور ۽ تڪليف تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊاڪٽرن ۽ سندن ٽيم سامهون اوچتو مختصر موسيقيءَ جي محفل سجائي ڇڏي.
ان موقعي تي سونو نگم 1949ع ۾ رليز ٿيل فلم ’دلاري‘ جو مشهور گيت ’سهاني رات ڍل چڪي، نه جاني تم ڪب آئو گي‘ ڳايو. اهو گيت برصغير جي ليجنڊ گلوڪار محمد رفيع جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
گلوڪار وڊيو سان گڏ شيئر ڪيل تحرير ۾ ٻڌايو ته هن سرجري دوران ڊاڪٽر ۽ سندس ٽيم لاءِ اوچتو گيت ڳائڻ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ موجب، تڪليف جي حالت ۾ به گيت ڳائڻ موسيقي مان ملندڙ خوشي جو اظهار آهي.
وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداحن سونو نگم جي همت ۽ آواز جي ڀرپور واکاڻ ڪئي. واهپيدارن گلوڪار جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو پڻ اظهار ڪيو.
واضح رهي ته سونو نگم هلندڙ سال جون ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هو اعصابي نظام سان لاڳاپيل هڪ تڪليف ڏيندڙ طبي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته انهيءَ طبي مسئلي سبب کيس تازو سرجري ڪرائڻي پئي.