آمريڪا-ايران ڳالهين جي بحالي لاءِ پاڪستان سرگرم، محسن نقوي حڪومتي نياپو کڻي تهران پهچي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي ايراني اختيارين سان ملاقاتن لاءِ تهران پهچي ويو آهي، جتي ايراني هم منصب سڪندر مومني سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
ايراني نيوز ايجنسي ارنا موجب، محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به ملاقات ڪئي.
ارنا جو چوڻ آهي ته محسن نقوي پنهنجي دوري دوران ايراني گهرو وزير سڪندر مومني سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
ايراني گهرو وزارت جي حوالي سان ارنا جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سهڪار سميت مختلف گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي پاڪستاني گهرو کاتي جي هڪ اهلڪار برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته محسن نقوي پاڪستاني حڪومت جو پيغام کڻي تهران ويو آهي ۽ اهو دورو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي بحالي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو حصو آهي.

 

You might also like