اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) شهرين کي موبائل فون وڪڻڻ، ڪنهن کي ڏيڻ يا ٺهرائڻ لاءِ موڪلڻ کان اڳ ذاتي ۽ حساس ڄاڻ محفوظ بڻائڻ لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
پي ٽي اي اختيارين موجب، سمارٽ فونز ۾ ذاتي تصويرون، ڪانٽيڪٽ نمبر، پيغام، دستاويز، پاسورڊز ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تائين پهچ موجود هوندي آهي، جنهن سبب معمولي لاپرواهي جي صورت ۾ ڊيٽا چوري ۽ پرائيويسي متاثر ٿيڻ جو سنگين خطرو هوندو آهي.
پي ٽي اي واهپيدارن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته فون کي فيڪٽري ري سيٽ ڪرڻ کان اڳ يقيني بڻايو وڃي ته فون جو سمورو ڊيٽا مڪمل طور اينڪرپٽ هجي.
اينڪرپشن کانپوءِ فون کي فيڪٽري ري سيٽ ڪيو وڃي، جديد سافٽ ويئرز عام ري سيٽ کانپوءِ ڊيٽا بحال ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تنهنڪري مڪمل ري سيٽ انتهائي ضروري آهي.
پهريون ڀيرو فيڪٽري ري سيٽ ڪرڻ کانپوءِ فون ۾ ڪجهه عام يا غيرضروري وڊيوز ۽ تصويرون ٻيهر منتقل ڪيون وڃن ۽ ان کانپوءِ فون کي ٻيهر فيڪٽري ري سيٽ ڪيو وڃي.
ان عمل سان پراڻي ذاتي ڊيٽا بحال ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويندا.
فون مان ڪا به فائل ڊليٽ ڪرڻ کان اڳ اهم تصويرون، رابطن جا نمبر، دستاويز ۽ ٻيون فائلون ڪنهن محفوظ هنڌ، مثال طور ڪلائوڊ يا هارڊ ڊرائيو ۾ بيڪ اپ ڪيون وڃن.
پي ٽي اي اِها به هدايت ڪئي آهي ته فون ڪنهن کي ڏيڻ کان اڳ پنهنجو سم ڪارڊ ۽ ايڪسٽرنل ميموري ڪارڊ لازمي طور ڪڍي وٺو.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ڪجهه منٽن جون اهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان واهپيدار پنهنجي اهم ۽ ذاتي ڊيٽا جي چوري ۽ پرائيويسي جي ڀڃڪڙي کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهن ٿا.