واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ هڪ باخبر آمريڪي عهديدار جي حوالي سان دعويٰ ڪيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ڌمڪين سبب گذريل مهيني ترڪي جي دوري کانپوءِ ڳُجهي اڏام ذريعي ڏيهه واپس آيو هو .
آمريڪي اخبار موجب، انقرا ايئرپورٽ تي ٽرمپ ڪيمرائن آڏو ايئر فورس ون ۾ سوار ٿيو هو، پر ان کانپوءِ کيس ڳجهي طريقي سان ايئر فورس ون مان ڪيٽرنگ ٽرڪ ذريعي ٻئي جهاز تائين پهچايو ويو ۽ ٽرمپ ترڪي مان ايئر فورس جي سي 32 اي جهاز ذريعي برطانيا پهتو.
آمريڪي اخبار موجب، ايئر فورس ون ۾ موجود صحافين کي ونڊوز جا شيڊ هيٺ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
صحافين ۽ وائيٽ هائوس جي عملي کي اهو ئي سمجهه ۾ آيو ته ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ ئي موجود آهي، جڏهن ته اهو واضح ناهي ته برطانيا ۾ ٽرمپ کي ٻيهر ايئر فورس ون جهاز ۾ ڪيئن منتقل ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، صدر ٽرمپ کي سنگين خطري سبب ڳجهي واپسي وارو آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته پينٽاگون آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
واضح رهي ته سال 2000ع ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي پاڪستان جي دوري دوران به ڳُجهي اڏام ذريعي وطن واپس پهتو هو.