اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي ۽ سندس گهرواري کي موتمار ڌمڪيون

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر سارو گنگولي ۽ سندس گهرواري ڊونا گنگولي کي مبينا طور موتمار ڌمڪيون مليون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گنگولي ڪٽنب ۽ سندس پرسنل اسسٽنٽ طرفان پوليس ۾ داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته تازو ڌمڪيءَ وارو خط سومر ڏينهن بنگال ڪرڪيٽ جي صدر جي آفيس ۾ کوليو ويو.
خط مڪمل طور انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل هو، جنهن ۾ گنگولي ۽ سندس خاندان کي ”ختم“ ڪرڻ يا ”قتل“ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون.
خانداني ذريعن موجب، گذريل 6 مهينن کان اهڙا خط ملي رهيا هئا، جن کي شروع ۾ حد کان وڌيڪ پرجوش مداحن طرفان موڪليل خط سمجهي نظرانداز ڪيو ويو، پر تازو خط ۾ استعمال ڪيل جارحاڻي ٻولي ۽ مسلسل ڌمڪين سبب خاندان معاملي بابت پوليس کي آگاهه جو فيصلو ڪيو.
گنگولي فيملي طرفان مقامي ٿاڻي ۾ باظابطا لکت ۾ شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته رياستي حڪومت جي سيڪيورٽي کاتي کي به صورتحال کان آگاهه ڪندي ترت جوڳا قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان اڻڄاتل ماڻهن طرفان گنگولي خلاف گٿن ۽ اعتراض جوڳن تبصرن تي ٻڌل خط ملي رهيا هئا، پر شروع ۾ انهن کي ذاتي ڪاوڙ يا گنگولي کي پسند نه ڪندڙ ڪنهن شخص جي حرڪت سمجهيو ويو.
شڪايت موجب، ويجهڙ ۾ سارو گنگولي ۽ ڊونا گنگولي جي نالي ٻه خط مليا، جن ۾ نه رڳو گنگولي خلاف نفرت جوڳا تبصرا ڪيا ويا، پر گنگولي، سندس گهرواري ۽ ساڻس ڪم ڪندڙ ماڻهن جي جان ۽ سلامتي لاءِ پڻ سنگين خطرن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي ته ڌمڪي وارا خط ڪوريئر ذريعي گنگولي جي رهائشگاهه تي موڪليا ويا هئا.
پوليس اختيارين گنگولي جي پرسنل اسسٽنٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سارو گنگولي ۽ سندس خاندان جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

 

You might also like