اسٽيبلشمينٽ پاران گورننس ۽ سياسي ڪلچر تبديل ڪرڻ جو پڪو فيصلو

لاهور( عمران شفقت )ملڪ ۾ تبديل ٿيندڙ واقعن سان لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پوزيشن وٺي ڇڏي آهي،سياسي پارٽين به پنهنجي جاءِ وٺي ڇڏي آهي،ڪجهه غيرمعمولي واقعن کي ميڊيا تي تمام گهڻي ڪوريج ملي رهي آهي،اهي اشارا آهن جيڪي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن،طاقتور حلقن جي ترجماني ڪندڙن جو چوڻ آهي ته  ته پاڪستان عالمي تناظر ۾ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪري چڪو آهي، انهن کي ٻن شين سان گڏ اڳتي نٿو هلائي سگهجي.پاڪستان کي انهن ڪاميابين کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجو ‘گهر   درست  ڪريون. پنهنجن معاملن کي ٺيڪ ڪريون، پنهنجي گورننس کي ٺيڪ ڪريون، پنهنجو جيڪو سياسي ڪلچر آهي ان کي تبديل ڪريون.سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟ ڇو جو موجوده سياسي ڪلچر انهن معاملن ۽ گورننس کي سڌو ٿيڻ نه ڏيندو. اسٽيبلشمينٽ هيءَ ڳالهه سمجهي ٿي ته عالمي دفاعي معاهدن کانپوءِ  پاڪستان ڏانهن دولت ۽ وسيلن جو رخ ٿيڻو آهي.ان سان معيشت ٺيڪ ٿيندي،ان جو فائدو وري عوام تائين پهچائڻو آهي ته گورننس جا ماڊل تبديل ڪرڻا پوندا. ۽ موجوده سياسي ڪلچر سان هي ماڊل تبديل نٿا ٿي سگهن. ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ نون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجن هٿن سان پنهنجي ڊيٿ وارنٽ (موت جي پرواني) تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. 28هين ترميم هجي، 29هين ترميم هجي، سسٽم کي تبديل ڪرڻ جو معاملو هجي، آرٽيڪل 239(4) کي تبديل ڪرڻ جو معاملو هجي انهن لاءِ ٻنهي پارٽين تي وڏو دٻاءُ آهي،نظام اندر تبديلي انهن جي ذريعي ئي ڪرائي ويندي. نئون تجربو جيڪو سوچيو ويو آهي، لاهور جي هڪ سيٺ ڪجهه ست سرڪاري وڏن وڏن آفيسرن جو هڪ سيل ٺاهيو آهي، ان تي ويهي  نون صوبن بابت تجويزون ۽ ريسرچ ورڪ ٿي رهيو آهي جڏهن ته محسن نقوي جي صدر زرداري سان لاهور ۾ ڪيل ملاقات جا نه ايوانِ صدر نه گهرو وزارت ،نه گورنر هائوس يا اسپيڪر آفيس نه پ پ پاران تفصيل جاري ڪيا ويا آهن،هڪڙي قسم جي پرسراريت قائم آهي. صدر جي  لاهور جي دوري تان واپسي تي  محسن نقوي کيس رخصت ڪرڻ وارن ۾ به شامل هو! ٻئي پاسي  ڪراچيءَ ۾ مير رضا جي قتل واقعي تي جيو ٽي وي غيرمعمولي ڪوريج ڏئي رهي آهي، مير رضا وارو ڪيس سوشل ميڊيا تي گهڻو هليو. جيو ٽي وي اهو بحث شروع ڪيو، ان ڪيس کي اٿاريو. عام شهريءَ جو ته پاڪستان ۾ ڪو پڇڻ وارو ناهي، پر ان کي وٺي ايترو اڳتي وڌڻ سمجهه ۾ نٿو اچي. پيپلز پارٽي دفاع واري پوزيشن تي اچي وئي آهي،شرجيل ميمڻ  جي پٽ جو نالو به اچڻ لڳو ته شرجيل ميمڻ پاڻ  اين سي سي آءِ کي شڪايتي درخواست ڪري ڇڏي،سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي کي به اهو ئي ڊپ لڳي رهيو آهي ته اهڙا واقعا ڪنهن جي چوڻ تي اٿاريا ۽ هائي لائٽ ڪيا پيا وڃن؟هاڻي پيپلز پارٽي کي اچانڪ ياد آيو ته پنجاب ۾ به ته واقعا ٿي رهيا آهن! حسن مرتضيٰ کي به ياد اچي ويو ته هڪ ذهني معذور نياڻي سان ٿاڻي ۾ زيادتي ٿي آهي،چوري الزام ۾ گرفتار ٻه عورتون ٿاڻي اندر فوت ٿيون،انهن واقعن تي پ پ آواز اٿاري  رهي آهي،جڏهن ته ڪراچي واري اِشو تي خواجه آصف جي بيان بازي به مسلسل جاري آهي،جڏهن ته جماعت اسلامي مهانگائي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف اڳ به وڏا احتجاج ڪيا پر هاڻي ميڊيا تي انهن کي به غيرمعمولي ڪوريج ملي رهي آهي،لڳي ٿو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي جڏهن ته عمران خان لاءِ محبت ۽ همدرديءَ جا نوان در کلي رهيا آهن

You might also like