اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ججن جي مقرري واري سمري تي صحيحون نه ڪرڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت صدرِ مملڪت سان ڳالهين جي ذميواري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حوالي ڪري ڇڏي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدرِ مملڪت جو قانوني صلاحڪار عرفان قادر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. ملاقات دوران ججن جي مقرري بابت جڊيشل ڪميشن جي فيصلي ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا. اعظم نذير تارڙ جڊيشل ڪميشن جي فيصلي ۽ قانوني معاملن بابت آگاهي ڏني.صدرِ مملڪت جي قانوني صلاحڪار عرفان قادر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ججن جو معاملو، ان شاءَ الله، جلد حل ٿي ويندو، سڀ گڏجي مسئلي جو حل ڳولي وٺنداسين.ٻئي طرف ايوانِ صدر ۾ جلد اهم ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي، ججن جي مقرري واري معاملي تي ايندڙ اجلاس ايوانِ صدر ۾ ٿيندو.