ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪو ذهنن ۾ فتنو ويٺل آهي ته آدم عليه السلام جي اچڻ کان پهرين به سنڌ هئي،ان کي ذهنن مان ڪڍي ڇڏيو، 1986ع تائين ڪراچي وفاق جي راڄڌاني هئي سرجاڻي ٽائون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير آباد،سکر، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو،جيڪب آباد کي انتظامي يونٽ جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه جي حمايت ڪريون ٿا.هن چيو ته سنڌ ۾7،خيبرپختونخواهه۾7، پنجاب ۾ 10۽ بلوچستان ۾ 8 ڊويزنون پهرين کان موجود آهن، حدبنديونموجود آهن، انهن کي انتظامي يونٽ جو درجو ڏنو وڃي. ڪنهن نئين اليڪشن ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، اهي ئي ايم پي ايز پنهنجي پنهنجي صوبي جا ايم پي ايز ٿي ويندا، پنهنجو وزير اعليٰ چونڊيندا. هن چيو ته هي جيڪي 8,884 ارب رپيا چار صوبن کي مليا آهن، هاڻي اهي 32 صوبن کي ملڻ گهرجن. ۽ اسان جو هي به مطالبو آهي ته اسلام آباد کي به صوبو قرار ڏنو وڃي،هن چيو ته اسان چاليھ سالن کان ملڪ جي غريب، مظلوم، 98 سيڪڙو غريب انسانن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، فارمولا پيش ڪندا رهيا آهيون. پر حڪمران ۽ ڪاموراشاهي اهي اسان جي ڳالهه کي رد ڪندا آيا آهن.هن چيو ته اسان حڪومت ۾ آرٽيڪل 140 اي جي تشريح جي شرط تي شامل ٿياسين،اختيار ۽ وسيلا ضلعن ،تعلقن، يوسيز کي منتقل نه پيا ٿين،اسان جي ترميم تي وزيراعظم سميت سڀ سياسي پارٽيون تيار ٿي ويون، پرجڏهن ترميم جو وقت آيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اڄ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ توهان جيڪڏهن اسان کي پنهنجي گهٽين جي حڪمرانيءَ جو حق نٿا ڏيو، ته اسان ايندڙ ڏينهن ۾ صوبي جي نالي تي، انتظامي يونٽ جي نالي تي اٿندڙ ۽ هلندڙ سڀني تحريڪن جو نہ صرف هراول دستو بڻجنداسين اڄ پاڪستان هلائيندڙ هي ڳالهه ڪري رهيا آهن،هن چيو ته جڏهن به حق ڏيڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي پيپلز پارٽي ناراض ٿي ويندي آهي، بليڪ ميل ڪندي آهي.اسان ڪنهن لساني بنيادن تي انتظامي يونٽنجي ڳالهه نٿا ڪريون،هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن انگريزن کان آزادي حاصل ڪئي پر هي ملڪ انگريزن جا ڪتا ڌوئاريندڙن جي هٿن ۾ هليو ويو سنڌ واسين پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي. اڄ سڀني بيمارين ۾ اسان نمبر ون آهيون،غربت وڌيڪ آهي،وسيلا ۽ اختيار وڏن وزيرن وٽ آهن