مير رضا ڪيس:سوشل ميڊيا تي شرجيل ميمڻ ۽ سندس پٽ خلاف مهم، اين سي سي آءِ اي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، اين سي سي آءِ اي اختيارين موجب شرجيل انعام ميمڻ جي شڪايت وصول ٿي وئي آهي، جيڪا ايجنسي جي ڪراچي زون جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ملي آهي، اختيارين موجب سوشل ميڊيا اڪائونٽس هلائيندڙن، مواد تيار ڪندڙن ۽ ان کي نشر ڪندڙن جو پتو لڳايو پيو وڃي. شڪايت ڪندڙ ۽ سندس پٽ جي عزت ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته فيس بڪ، واٽس ايپ، ايڪس ۽ انسٽاگرام سميت 10 سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي خط لکيا ويا آهن، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کان اهي تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ته پوسٽ کي وائرل ڪندڙ ڪير هئا. ٻئي پاسي مير رضا ڪيس بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مختلف دعوائن جي معاملي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پٽ راول شرجيل ميمڻ پاڪستان مان فرار ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل گيسٽ هائوس نه سندس والد جي ملڪيت آهي ۽ نه ئي سندس پنهنجي ملڪيت آهي، راول شرجيل ميمڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس پاڪستان مان فرار ٿيڻ بابت هلندڙ دعوائون غلط آهن، هو پاڪستان ۾ ئي موجود آهي، اها دعويٰ پڻ غلط آهي ته گلستانِ جوهر ۾ واقع لاڳاپيل گيسٽ هائوس سندس والد شرجيل انعام ميمڻ يا سندس پنهنجي ملڪيت آهي.

You might also like